سنڌ جي والار ۽ ڊيم ٺاهڻ بند ڪيا وڃن: اڳواڻ

ملير (ڊ ر)جيئي سنڌ محاذ (سرور) پاران گلشن حديد ۾ سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگره جي شاندار تقريب ٿي گذري تقريب جي صدارت جسم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ ڪئي، جڏهن مهمان خاص جسقم اڳواڻ اشرف بهليم هو، تقريب جي شروعات ڪيڪ ڪاٽي ڪئي وئي، ان موقعي تي تقريب کي جسم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جو شمار ننڍي کنڊ جي وڏن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جن هن خطي کي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته 1937 ۾ مسلم ليگ هندستان جي ڪنهن به صوبي ۾ اليڪشن نه کٽي انهيءِ ڪري قائداعظم محمد علي جناح لاءِ وڏو مسئلو هو، مسلم ليگ کي مسلمانن جي واحد جماعت تسليم نه ٿئي ڪيو ويو، 1938 ۾ سواءِ شهيد الهبخش جي سنڌ جا سمورا مسلم اڳواڻ مسلم ليگ سان هڪ معاهدي تحت اتحاد پارٽي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا، ان وقت هندستان جا سمورا مکيا اڳواڻ موجود هيا، ان معاهدي واري قرارداد حاجي عبدالله هارون جلسي ۾ پيش ڪئي ته مسلم وفاق ۾ سنڌ آزاد ۽ خود مختيار رهندي، هن وڌيڪ چيو ته 1943 ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائي جنهن ۾ وضاحت سان مسلم وفاق (پاڪستان) ۾ شامل قومون آزاد ۽ خودمختيار هونديون سنڌ به آزاد ۽ خودمختيار هوندي ۽ سنڌ کي پنهنجو جهنڊو ۽ اندروني فورس رکڻ جي اجازت هوندي پر حڪمرانن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪنهن به معاهدي تي عمل نه ڪيو، جنهن کانپوءِ 1972 ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ کي آزادي جو نظريو ڏنو، انهيءِ موقعي تي اشرف بهليم، بخشل سيال، فاروق عادل ۽ ٻين به خطاب ڪيو، آخر ۾ قراردادون پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته قومن جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سنڌ خلاف سازشن کي بند ڪيو وڃي، هارين کي سنڌ اندر زمينون ڏنيون وڃن ۽ وڏيون زمينداريون ختم ڪيون وڃن، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻين ميگا رهائشي پروجيڪٽن جي ذريعي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ والار کي فورن بند ڪيو وڃي سنڌو درياهه مٿان نئوان ڊيم ٺاهڻ بند ڪيا وڃن، پاڪستان اسٽيل مل جو وڪرو بند ڪيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ يونين تان بندش ختم ڪئي وڃي، پيٽرول، بجلي ۽ گئس جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن، سن ۾ گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي فورن آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.