6 هزار اسڪالر شپس، رجسٽريشن جي شروعات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪامياب جوان اسڪلز فار آل پروگرام تحت 60 هزار نوجوانن لاءِ رجسٽريشن اوپن ڪئي وئي آهي، رجسٽريشن جي آخري تاريخ 31 جنوري آهي.

وزيراعظم جو نوجوانن لاءِ مفت هاءِ ٽيڪ ڪورسز جي منصوبي تحت ڪامياب جوان اسڪلز فار آل پروگرام جي ٽين بيچ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ 60 هزار نوجوانن لاءِ رجسٽريشن اوپن ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار جو چوڻ هو ته هاءِ ٽيڪ ڪورسز ۽ ٽيڪنيڪل تربيت جي فراهمي جو ٽيون مرحلو شروع ڪيو ويو آهي، هڪ هزار اعليٰ تعليمي ادارن ۾ 6 هزار اسڪلز اسڪالرشپ مختص آهن.

هن چيو ته 16 جنوري کان رجسٽريشن جي شروعات ٿي وئي آهي، رجسٽريشن جي آخري تاريخ 31 جنوري 2022ع آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.