حڪومت مون بدران نواز شريف تي ڌيان ڏي: حريم شاهه

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه مني لانڊرنگ جي حوالي سان وضاحت ڏيندي چيو ته سچي ڳالهه ڪوڙي لڳي ته هزار ڀيرا لڳي، آئون ته ڳالهائيندي رهنديس.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حريم شاهه چيو ته شهزاد اڪبر مون تي وقت وڃائڻ بدران نواز شريف جي ڪيس تي ڏيان ڏي، شهزاد اڪبر نواز شريف کي ته گهرائي نه سگهيو، هُو لنڊن ۾ مزي سان زندگي گذاري رهيو آهي.

هن چيو ته نواز شريف کي اڄ وٺي اينداسين، سڀاڻي وٺي اينداسين، اڄ تائين ته ڪجهه ڪري نه سگهيا آهيو، شهزاد اڪبر جي خط جو ڊپ ناهي، لنڊن ۾ ثبوت هلندا، ڳالهيون نه، اختيارين جي رابطن کان ڊڄڻ  واري ناهيان، ڪجهه وڌيڪ حقيقتون به ٻڌائي سگهان ٿي.

حريم شاهه چيو ته خود مشهور ٿيڻ جي لاءِ منهنجي خلاف خط لکڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،  پاڪستاني پاسپورٽ جي قدر جي حوالي سان به خبر اچي وئي آهي، مون به ته سچي ڳالهه ڪئي هئي، حڪومت جي نااهلي جي ڪري پاڪستاني پاسپورٽ ۽ ڪرنسي جو قدر وڌيڪ گهٽجي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايف آءِ اي ۽ مقامي اختيارين سان مني لانڊرنگ جي حوالي سان سهڪار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان، لڳي ٿو پاڪستانين جا خط مقامي اختياريون پڙهنديون ئي ناهن، ڦاڙي ڦٽا ڪيا ويندا آهن، جيتري بليڪ مني پاڪستاني سياستدانن وٽ آهي اوتري ته پاڪستاني عوام وٽ به ناهي.

ان موقعي تي لنڊن ۾ موجود حريم شاهه جي ويڳي ڀاءُ دانيال ملڪ چيو ته مون خود اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان رابطو ڪري چيو ته حريم شاهه کان ڪجهه پڇا ڪرڻي آهي ته حاضر آهيون، پر پوليس حريم شاهه جي مني لانڊرنگ بابت انٽرويو ۾ ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.