پاڪستان پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت کان جواب طلب ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ڪشمير پريس ڪلب تي مبينا قبضي سميت والاريل ڪشمير، ڄمون ڪشمير ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ، غيرقانوني گرفتارين ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪئي آهي.

پرڏيهي ترجمان آصف افتخار احمد ڇنڇر واري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪشمير پريس ڪلب تي مبينا حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملو والاريل ڪشمير، ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت پاران پنهنجي سنگين ڏوهن ۽ انسانيت سوز ظلمن خلاف آواز اٿاريندڙن کي زبردستي خاموش ڪرائڻ لاءِ طاقت ۽ جبر جو وحشياڻو استعمال انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي نشاندهي ڪري ٿو.

پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ايڪٽ، پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ سميت سخت ۽ غيرانساني قانونن جو وڌندڙ استعمال ڀارت جي نئين آبادياتي ذهنيت جي نشاندهي ڪري ٿو.

هن چيو ته ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ڪشميرين کي پنهنجو حق وٺڻ واري ارداري جي عزم کي ڪڏهن ڪمزور نٿي ڪري سگھي.

پرڏيهي ترجمان عالمي برداري، خاص طور گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ صحافين، انساني حقن جي حفاظت ڪندڙ ۽ سول سوسائٽي جي ٻين ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ ۽ سندن غيرقانوني گرفتارين تي ڀارت کان جواب طلب ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.