جيپ ريلي پڄاڻي تي پهتي، نادر مگسي ڪامياب

مٺي( ويب ڊيسڪ ) ٿرپارڪر ۾ رنگا رنگ ٽن ڏينهن واري جيپ ريلي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، جڏهن ته جيپ ريلي جي سڀ کان وڏي ريس نادر مگسي کٽي ورتي.

ٽن ڏينهن واري آف روڊ جيپ ريلي دوران ملڪ جا سڀ کان وڏا ريسرز گاڏن سميت ٿرپارڪر  جي واري ۾ ايڪشن ۾ نظر آيا.

ٿرڊيزرٽ چيلنج ۾ اُٺن ۽ گهوڙن جي ڊور سميت ملاکڙو به منعقد ڪيو ويو هو.

ٿر جيپ ريلي جي سڀ کان وڏي ريس نادر مگس کٽي ورتي، پري پيئرڊ ڪيٽيگري جي اي ڪلاس ۾ نادر مگسي 107 ڪلوميٽرز جو رستو هڪ ڪلاڪ 7 منٽ 56 سيڪنڊز ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن ماڻي.

پري پيئرڊ اي ڪيٽيگري ۾ صاحبزادا سلطان هڪ ڪلاڪ 13 منٽ 50 سيڪنڊز سان ٻئي نمبر، جڏهن ته وومينز پري پيئرڊ ڪيٽيگري جو ٽائٽل توشنا پٽيل کٽيو ۽ ماهم شيراز ٻئي نمبر تي رهي.

ٿر ڊيزرٽ چيلنج ۾ کٽيندڙ ريسرز ۾ سنڌ جي وڏي وزير انعام ورهايا، ٽن ڏينهن واري ٿر ڊيزرٽ چيلنج ۾ٿر واسين جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، ان دوران مقامي فنڪارن سر وکيريا ۽ ڊرائيورن به پنهنجون محفلون سجايون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.