دادو: شهرين جو ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڌرڻو

دادو ۾ شهرين پاران ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سماجي تنظيم دادو ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي سڏ تي شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ساجد مستوئي، گلشير سولنگي، راجا رفيق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامه آئي آئي قاضي لائبريري کان مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ جي چارج وٺڻ کانپوءِ  دادو شهر سوڌو سموري ضلعي ۾ چورين، ڦرين، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن ٻٽ بڻيل آهي.

هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي، ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ کي فوري طور هٽائي سندس جاءِ تي ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪري دادو ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.