ڄامشورو: لمس ۾ مختلف شعبن ۾ داخلا لاءِ اينٽري ٽيسٽ ورتي وئي

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي مختلف شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي.

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مک ڪئمپس ۾ فزيوٿراپي، فارميسي، نرسنگ، بايو ٽيڪنالاجي ۽ ماليڪيولر بائلاجي شعبن جي 495 سيٽن تي داخلا لاءِ 3 هزار 209 اميدوارن انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو.

ٽيسٽ دوران لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، رجسٽرار حاجي محمد شيخ, ٽيسٽ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر آصف گلزار سميت مختلف شعبن جي سربراهن ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جو چوڻ هو ته نئين تعليمي سال ۾ داخلا لاءِ 3366 اميدوارن فارم جمع ڪرايا هئا، درخواستگذارن مان 3209 اميدوارن کي پري انٽري ٽيسٽ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.