ٿرپارڪر: سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ سولر ٽيوب ويل اسڪيم ڏيڻ جو اعلان

وڏي وزير مراد علي شاهه ٿر ۾ وزير سولر پمپن ٽيوب ويل اسڪيم قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وڏي وزير مراد علي شآهه مٺي جي ڊي سي آفيس  ۾ ٿرپارڪر جي آبادگارن ۽ واپارين سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن پاران وڏي وزير کي مسئلن ۽ زراعت بابت ٻڌايو.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه زراعت بابت سنڌ جي وزير کي ٿر ۾ سولر ٽيوب ويلز اسڪيم جي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي زراعت ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ زراعت بابت سنڌ جو وزير، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ٿرپارڪر جا ماهر شامل آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر کي 500 ٽيوب ويلز جي اسڪيم فراهم ڪندي، 74 ورهين کان ڏڪار جو شڪار رهيو آهي، ٿر کي زراعت جي حوالي سان ترقي ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.