ڪنڌڪوٽ: مهانگائي سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن: علامه اسد اقبال

شيعا علماءَ ڪائونسل سنڌ جي صدر علامه اسد اقبال زيدي چيو آهي ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ اندر مھنگائي جي ڪري غريب ماڻھون خودڪشيون ڪري رھيا آھن.

ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علامه اسد اقبال زيدي چيو ته مھنگائي کي وڌنڌڙ چوڻ بدران بدترين مھنگائي چوڻ گھرجي سنڌ سميت پوري ملڪ اندر ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي پريشان ڪري زرعي معيشت کي تباھه ڪرڻ جي سازش آهي،  جڏھن ملڪ اندر پنھنجي استعمال جيترو ذخيرو نه ھجي ته اھو ٻاھر نه موڪليو وڃي.

هن چيو ته بلدياتي نظام کي جماعتون پنھنجي مفاد لاءِ استعمال ڪنديون آھن پر اسان جو اھو ھي مطالبو آھي ته اختيارات ۽ وسائل آھن اھي ھيٺين سطح تائين ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.