ڊينگي پکيڙيندڙ مڇرن بابت ماهرن جا  ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڊينگي پکيڙيندڙ مڇرن بابت انڪشاف ٿيو آهي ته اهي عام مڇرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڇڪ هڻندا ۽ حملو ڪندڙ هوندا آهن ته جيئن وائرس کي تيزي سان جسم ۾ داخل ڪري سگھجي.

انهن مڇرن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي ايڊس ايڊس ايجپٽائي آهي جيڪو پاڪستان ۾ به عام آهي هاڻ هڪ مطالعي مان خبر پئي آهي ته اهو عام مڇرن جي ڀيٽ ٽيڻ تي وڌيڪ چڪ هڻندا آهن. پر ان جو ٻيو قسم ايڊس ايلبوپڪٽس به ڪنهن کان گھٽ نه آهي.

ڊيوڪ نيورو سائنس اينڊ بيهورل پروگرام ۾ تحقيق سان واسطو رکندڙ پروفيسر ايڊم ڪليرج چينگ چيو آهي ته هڪ تجربي واري هنڌ تي انهن مڇرن کي رکيو ويو ۽ انهن جي چڪ هڻڻ جي عمل کي نوٽ ڪيو ويو آهي.

اسان کي خبر آهي ته مڇرن ۾ رت پيئڻ جو عمل هڪ ته انهن ۾ پروٽين فراهم ڪندو آحي ته جيئن اهي انڊا ڏئي سگھن ۽ نسل وڌائين. پر رت چوسڻ جو اهو عمل خطرناڪ بيماري به منتقل ڪندو آهي، واضح رهي ته سائنسدانن مشاهدي کان اڳ فيلڊ ۾ به ڊينگي مڇرن جو جائزو ورتو آهي.

مشاهدي لاءِ مڇرن جي مضاحتي وڊيو بڻائي وئي جن ۾ عام مڇر ۽ ڊينگي پکيڙيندڙ مڇر شامل هئا. ان کان پوءِ وڊيو جو ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ذريعي به جائزو ورتو ويو. ان سان انهن جي رجحان ۽ پيٽرن جو پتو لڳايو ويو آهي. خبر پئي ته ڊينگي جا مڇر هڪ پاسي ته عام مڇرن کان ٽيڻ تي وڌيڪ چڪ هڻندا آهن ۽ پنهنجي وائرس مان متاثر ڪرڻ جي به زبردست صلاحيت رکندا آهن.

اهڙيءَ طرح اهي هر هر چڪ هڻي وائرس پکيڙڻ جي زبردست صلاحيت رکندا آهن. پر ان تحقيق مان وڌيڪ سوال پيدا ٿيا آهن ۽ ايندڙ مرحلي ۾ اهو جاچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته آخر ائين ڇو ٿي رهيو  آهي ۽ ڇا ڊينگي وائرس جو ان ۾ ڪو ڪردار آهي يا نه. ان لاءِ وڌيڪ تحقيق ضروري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.