بيضا اُٻارڻ کان اڳ فرج ۾ رکجن يا نه؟

بيضا اسان جي غذا جو اهم حصو هوندا آهن ۽ اهي اسان جي صحت کي ڀرپور فائدو به پهچائيندا آهن، جڏهن اسان انهن کي گھر آڻيندا آهيو ته اسان کي اهو چيو ويندو آهي ته اسان انهن کي اُٻارڻ کان اڳ ريفريجريٽر ۾ نه رکون.

اسان مان گھڻا ماڻهو ان ڪشمڪش جو شڪار هوندا آهن ۽ ڄاڻڻ چاهيندا آهن ته اسان انهن کي اُٻارڻ کان اڳ فرج ۾ ڇو نٿا رکي سگھون.

ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي برطانيا جي ناليواري واري بورچي جيمز مارٽن ٻه بيضا کنيا جن مان هڪ بدڪ جڏهن ته ٻيون ڪڪڙ جو هو.

ان مان بدڪ جي بيضي کي فرج ۾ رکڻ کانسواءِ ئي ان کي فوري طور تي اُٻاريو ويو جڏهن ڪڪڙ جي بيضي کي فرج ۾ 2 کان 3 ڪلاڪ رکڻ کان پوءِ اُٻاريو ويو.

انهن ٻنهي بيضن کي اُٻارڻ کان پوءِ ڪاٽيو ويو ته ان مان اهو نتيجو سامهون آيو ته بدڪ جو بيضو مڪمل پچي ويو هو جڏهن ڪڪڙ جو بيضو مڪمل طور تي نه پڪو هو.

ان کانسواءِ بيضن جي شڪل ۽ ذائقي ۾ به گھڻو فرق هو ۽ انهن سبب کي جيمز مارٽن بيان ڪندي چيو ته جڏهن اسان فرج ۾ بيضن کي رکي ڇڏيندا آهيون ته انهن ۾ موجود ٻين شين جي بوءِ ۽ ذائقي کي به جذب ڪندا آهيون جنهن جي نتيجي ۾ اهي پنهنجو ذائقو وڃائي ڇڏيندا آهن.

هن اهو به چيو ته اهو ئي سبب آهي جو بيضن کي اُٻارڻ کان اڳ فرج ۾ نه رکڻ گھرجي، پر انهن کي خشڪ ۽ ٿڌي جاءِ تي رکي ڇڏيو جنهن سبب بيضن جو اصلي ذائقو انهن ۾ موجود رهندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.