سينيئر صحافي حزب الله تنيو جي ماسي لاڏاڻو ڪري وئي

قمبر(ت ر) ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ جي هيڊ آف مارڪيٽنگ اينڊ پبلڪ رليشنز حزب الله تنيو جي جيجل امڙ جو درجو رکندڙ ماسي لاڏاڻو ڪري ڪري وئي، حزب الله تنيو جي ماسي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد سرجيڪل ڪمپليڪس ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن جنهن جو مڙهه قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي پکو شهر ڀرسان ڳوٺ الهڏنو تنيو پهچايو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ جي هيڊ آف مارڪيٽنگ ۽ پبلڪ رليشنز حزب الله تنيو، علائقي جي معزز شخصيتن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافي برادري سميت ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد مرحومه جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.