جهول ۾ صحافي کي مارڪٽ مامري جو نبيرو

جھول (ن ع آ) جهول ۾ ٻه ڏينهن اڳ صحافي بشير احمد بالادي تي سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد جوابدار ناصر بروهي فرار ٿي ويو هو جنهن بعد جهول صحافين جهول ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي هئي جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪندي صحافي تشدد ڪندڙ ناصر بروهي جي گرفتاري جي لاءِ چاپا هڻڻ شروع ڪيا جنهن کانپوءِ ناصر بروهي علائقي جا معزز ساڻ ڪري جهول پهتو جتي فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو جنهن ۾ ناصر بروهي ڏوهي ثابت ٿيو جنهن پنھنجي غلطي تسليم ڪندي معافي گهر وئي معزز مٿس ڏنڊ پڻ لڳايو جيڪو صحافين کيس معاف ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون جنهن بعد ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي  ٻڌايو ته صحافي هميشه معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو حقيقت کي برداش ڪرڻ گهرجي بجاءِ انئي جو صحافين تي حملا ڪيا وڃن ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي ٻنن ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو جڏهن ته صحافين پاران بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنڌڙ ايس ايڇ او جهول جا ٿورا مڃيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.