شيخ ڀرڪيو پوليس جي 2 منشيات فروش پڪڙڻ جي دعويٰ

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ) شيخ ڀرڪيو  ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ جي خاص هدايتن تي شيخ ڀرڪيو پوليس پاران ڪاروائيون  جاري شيخ ڀرڪيو ٻن جوابدارن کي  50  ليٽرڪچي شراب سميت گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت  ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي لاڪپ ڪيوويو – خبر موجب: ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ جي خاص هدايت تي  ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو حق نواز جوڻيجو اي ايس آئي هادي بخش بهراڻي اي ايس آئي دائود احمد لاشاري دوران گشت  خچر شاخ وٽان وشنو ڪولهي کي 20 ليٽر ديسي ڪچي شراب سميت گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته دوران گشت جتن جي پڪي وٽان شيخ ڀرڪيو پوليس نارائڻ ڪولهي کي 30 ليٽر ديسي ڪچو  شراب برآمد ڪري ٻنهي جوابدارن خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو آھي رابطي دوران ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو حق نواز جوڻيجو موقف اختيار ڪندي چيو ته جناب ايس ايس پي عابد بلوچ جي خاص هدايتن تي منشيات ۽ سماجي براين خلاف مسلسل ڪاروايون جاري آھن منشيات فروش  ۽ سماجي براين کي عام ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آھي شيخ ڀرڪيو جي حد اندر منشيات فروشن کي هرگز برداش  نه ڪبو چاهي منشيات فروش ڪيڏو به بااثر ڇونه هجي ان کي گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويندو.

  • ڪي اين شاهه ۾ موٽر سائيڪل سلپ، لائين مين سخت زخمي

خيرپورناٿن شاھه ( ن ع آ) خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو جو رهواسي سيپڪو خيرپورناٿن شاھ ٿيٻا فيڊر جو لائين مين سعيد احمد چانڊيو موٽر سائيڪل تي ڳوٺ کان شهر اچي رهيو هو ته ڀنگر موڙ وٽ اچانڪ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن حالت نازڪ حالت هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو جتي کيس حالت وڌيڪ خراب ٿي وڃڻ تي ڊاڪٽرن علاج لاء ڪراچي اسپتال رفر ڪري ڇڏيو جتي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

  • نندو ڀرسان حادثو، 2 ڄڻا سخت زخمي، اسپتال داخل

نندو ( ن ع آ )نندو لڳ ٿرڪول روڊ تي  موٽر سائيڪل سوار هيبت فقير رهواسي عبدالستار نهڙيو ۽ حق نواز نهڙيو روڊ تي پيل ريتي  بجري  تان ڪري سخت زخمي تئي پيا جنهن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر آنڌو ويو جتان کين انڊس اسپتال بدين نيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.