شگر جي علاج لاءِ ڀينڊي ڪيتري فائديمند آهي؟

ڀينڊي وٽامنز، معدنيات، اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ ٻين غذائي جُزن سان ڀرپور ڀاڄي آهي. جنهن سان ڪيترين ئي بيمارين جو اعلاج ممڪن آهي، خاص طور تي شگر جي علاج ۽ گڙدي جي بيمارين لاءِ ڀينڊي گھڻي فائديمند آهي.

ڀينڊي هڪ عام ڀاڄي جي طور تي گھرن ۾ استعمال ٿيندي آهي جيڪڏهن ان کي خاص ترڪيب سان استعمال ڪيو وڃي ته شگر جهڙن انتهائي پريشان ڪندڙ مرضن کان بچاءَ ۽ علاج ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

پر اوهان اهو ڄاڻي حيران ٿي ويندا ته ان جو پاڻي مختلف بيمارين جهڙوڪ، دم، ڪولسٽرول ۽ گڙدي جي بيمارين ۾ فائديمند آهي ڇو جو ڀينڊي ۾ وٽامنز، پوٽاشيم، ڪيلشيم ۽ فولڪ ايسڊ هڪ خاص مقدار ۾ موجود هوندو آهي جيڪا شگر جو شڪار مريضن لاءِ گھڻو فائديمند آهي ان ڪري شگر جي مريضن کي گھرجي ته اهي باقاعدگي سان ان جو استعمال ڪن.

شگر گھٽ ڪرڻ لاءِ ڀينڊي جو استعمال

شگر ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻه کان 3 عدد ڀينڊيون رات جو هڪ گلاس پاڻي ۾ ڀڄائي رکي ڇڏيو ۽ صبح جو ان جو پاڻي نيراني پي ڇڏيو، شگر متوازن رهندي.

ان عمل کي ٻن يا ٽن مهينن تائين جاري رکو ۽ پوءِ جڏهن شگر ليول متوازن رهڻ لڳي ته ان کي هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو استعمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.