ڄامشورو: راڻا ڪاليا ڪرڪيٽ ڪلب پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو

ڄامشورو ۾ راڻا ڪاليا ڪرڪيٽ ڪلب پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو.

پيراميڊيڪل ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرايل ٽورنامينٽ ۾ وحيد ڪوٽڙي اليون, ڄامشورو سنڌڙي, راڻا ڪاليا اليون, پيراميڊيڪل اسٽار سميت ڄامشوري جي  26 ٽيمن حصو ورتو.

ميچن دوران بيٽس مين ۽ بالرن تمام شاندار پرفارمس جو مظاهرو ڪيو، رانديگرن جي شاندار پرفارمس بعد وحيد ڪوٽڙي اليون، ڄامشورو سنڌڙي، راڻا ڪاليا اليون ٽيمون سيمي فائينل ۽ فائينل ۾ پهتيون،  فائينل ۾ ڄامشورو سنڌڙي، وحيد ڪوٽڙي اليون کي 29 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو وحيد ڪوٽڙي اليون 2 اوورن ۾ چيس ڪري فائينل کٽي ورتو.

ان موقعي تي نوجوان ڪرڪيٽرن راڻا ڪاليا، نواز بروهي، علي آمڙو ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ڄامشورو ۾ وڏي انگ ۾ ڪرڪيٽر موجود آهن پر بدقسمتي سان اسپورٽس کاتي طرفان رانديگرن تي ڪو به ڌيان ن نٿو ڏنو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڄامشورو سٽي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ لائيبريري قائم ڪئي وڃي ته جيئن هتان جا نوجوان پنهنجي بهتر مستقبل لاء اڳتي وڌي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.