گھوٽڪي: بوزدار برادري جو بااثرن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

گھوٽڪي ۾ بوزدار برادري پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ جاڙو خان بوزدار جي رهواسين مسمات هير، غلام شبير بوزدار، مرزا بوزدار ۽ ٻين ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته هنن جي زمين تي بااثرن نياز، ڀورل بورزدار ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته زمين جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي پر بااثر جوابدارن هنن مٿان فائرنگ ڪئي ۽ هٿياربندن کي سندس زمين تي ويهاري ڇڏيو آهي جنهن سبب هو گھرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگھن، پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود  بااثرن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس آف سنڌ، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.