سنڌ جي مڪاني بل خلاف اپوزيشن پارٽين جو احتجاج

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ فوارا چوڪ وٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان، تحريڪ انصاف ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي ) پاران سنڌ جي نئي مڪاني قانون واري بل خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مظاهري کي خطاب ڪندي خرم شير زمان چيو ته ڪراچي جون جمهوريت پسند پارٽيون روڊن تي آهن، هن ڪاري قانون خلاف ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اسان جو مقصد با اختيار مڪاني قانون آڻڻ آهي، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ سرڪار جي ڪاري قانون کي قبول نه ڪنداسين.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار خطاب ڪندي چيو ته اڄ هي هجوم  ڪنهن جي ملڪيت بچائڻ جي لاءِ ناهي،  هي ماڻهو پنهنجي پگهر جي پيسن جي ٽيڪسن جو حساب وٺڻ آيا آهن، اسان جعلي بينڪ اڪائونٽ تي ڪيس ختم ڪرائڻ نه آيا آهيون، اسان ڪنهن ريڙهي واري جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ناهي ڪئي.

هن چيو ته ناصر شاهه کان پڇان ٿو ته 10 هزار بسون ڪٿي آهن؟، ناصر شاهه پهرين 6 هزار بسن ۽ ان کانپوءِ 600 بسن جي ڳالهه ڪئي، پر هتي 10 بسون به نظر نه آيون.

احتجاج کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته جمهوريت اها آهي ته جنهن وٽ جيترو مينڊيٽ هجي، اختيار به اوترا هجڻ گهرجي، پ پ جي حڪومت کي گهر اماڻينداسين، سنڌ حڪومت کي لڪڻ جي لاءِ هنڌ نه ملندو.

خالد مقبول صديقي چيو ته قافلو هلي پيو ته سي ايم هائوس گهڻو پري ناهي، اڄ رڳو نوٽيس ڏيڻ آيا آهيون، ٻيهر فيصلو ڪرڻ اينداسين، ٻيهر هن کان وڏو هجوم هوندو، بل واپس نه ورتو ويو ته هنن جو گهيراءُ ڪري بل  واپس ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.