وٽامن سي حاصل ڪرڻ جا قدرتي ذريعا

وٽامن سي هڪ ضروري غذائيت آهي جيڪا گڏيل صحت کي برقرار رکڻ ۽ اندران اسان جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندي آهي. اها نه رڳو هڪ بهترين اينٽي آڪسيڊنٽ آهي پر صحتمند هاضمي ۽ ميٽابولزم کي برقرار رکڻ ۾ به مدد ڪندي آهي.

وٽامن سي صحتمند ۽ چمڪندڙ جلد کي هٿي ڏيندي آهي سڀ کان وڌيڪ جڏهن کان وبائي بيماري شروع ٿي آهي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ وٽامن سي جي ڪردار جي وڏي حد تائين وڪالت ڪئي ويندي آهي.

اوٽاگو يونيورسٽي جي هڪ محقق دعويٰ ڪئي آهي ته وٽامن سي شديد ڪورونا وائرس جي مريضن جي علاج ۾ به مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي. اهي نتيجا نيوٽريئنٽس رسالي ۾ ڇپيل آهن.

جيتوڻيڪ مارڪيٽ ۾ وٽامن سي جا ڪيترائي سپليمينٽس دستياب آهن پر ماهرن جو مشورو آهي ته ڊگھي عرصي تائين فائدا وٺڻ لاءِ غذائي جُز کي خوراڪ جي شڪل ۾ شامل ڪيو وڃي.

هتي ماهر اوهان کي وٽامن سي جي ڪجهه قدرتي ذريعن بابت ٻڌائي رهيا آهن جن جي مدد سان اوهان وٽامن سي جو مناسب مقدار حاصل ڪري سگھو ٿا. اچو ته انهن غذائن تي هڪ نظر وجهون.

وٽامن سي جا قدرتي ذريعا:

نارنگي:

These foods have more Vitamin C than an orange | The Times of India

نارنگي وٽامن سي جي بهترين غذائي ذريعي طور سڃاتي ويندي آهي. هڪ مطالعي موجب، 100 گرام نارنگي ۾ 53 ملي گرام وٽامن سي هوندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ان ميوي کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جسم مان وٽامن سي جي کوٽ ختم ٿي ويندي.

ڪيوي:

The Top Ten Health Benefits of Kiwi

ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ننڍي ڪيوي 10 ملي گرام (Ascorbic Acid) فراهم ڪري ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته روزانو رڳو هڪ ڪيوي کائڻ سان اسان کي گھربل وٽامن سي جي سطح کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ساوا مرچ:

10 Surprising Benefits of Eating Green Chilli

غذائي ماهرن موجب، ساون مرچن ۾ 109 ملي گرام وٽامن سي هوندي آهي. تنهنڪري ساون مرچ جو استعمال وٽامن سي جو مناسب مقدار فراهم ڪري سگھي ٿو.

اسٽرابيري:

Health Benefits of Strawberry: 7 Reasons to Include Strawberries in Your  Diet | India.com

اسان کي رڳو ڳاڙهي ۽ رسيلي اسٽرابيري پسند آهي پر ڇا اوهان ڄاڻون ٿا ته ان ميوي وٽ سٺي ذائقي کانسواءِ ٻيو به گھڻو ڪجهه آهي؟ ماهرن جو چوڻ آهي ته اسٽرابيري جو رڳو هڪ پيالو 98 ملي گرام وٽامن سي فراهم ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.