حريم شاهه شيخ رشيد کي مس ڪال ڏني ۽ دوستي اڳتي وڌي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) سدائين خبرن ۾ رهندڙ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي ۽ گهرو وزير شيخ رشيد جي دوستي جي شروعات بابت ٻڌائي ڇڏيو.

حريم شاهه هن وقت لنڊن ۾ ترسيل آهي، اُتي پاڪستاني ڪميونٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هُن ٻڌايو ته اڄ کان لڳ ڀڳ 6 سال اڳ هڪ تقريب ۾ شيخ رشيد سان ملاقات ٿي .

ٽڪ ٽاڪر ٻڌايو ته مون تقريب ۾ شيخ رشيد کي چيو ته آئون اوهان جي وڏي مداح آهيان، جنهن تي هن مونکي پنهنجو نمبر ڏنو.

حريم شاهه دعويٰ ڪئي ته نمبر لکائڻ کانپوءِ وفاقي وزير مونکي چيو ته منهنجي نمبر تي مس ڪال ڏيو.

هن چيو ته ان کانپوءِ شيخ رشيد مونکي لاهور اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ان کانسواءِ هُن مونکي پنهنجي حويلي اچڻ جي به دعوت ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.