اتر ڪوريا پاران ريلوي ٽيڪٽيڪل گائيڊڊ ميزائل جو تجربو

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا طرفان ريلوي ٽيڪٽيڪل گائيڊڊ ميزائل جو تجربو ڪيو ويو آهي.

اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته اتر ڪوريا ٻن ريلوي ٽيڪٽيڪل گائيڊڊ ميزائل فائر ڪيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ميزائل تجربو ريلوي بورن ريجمنٽ جي ڪارروائي جي مهارت جاچڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا پهريون ڀيرو ريل سان سيپٽمبر 2021ع ۾ ميزائل فائر ڪرڻ جو تجربو ڪيو هو، اتر ڪوريا جو هلندڙ مهيني اهو ٽيون ميزائل تجربو آهي.

پرڏيهي خابروايجنسي ٻڌايو ته اتر ڪوريا هلندڙ مهيني 5 ۽ 11 جنوري تي هائپرسونڪ ميزائلن جا تجربا ڪيا هئا.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڄاڻايل ميزائل تجربن کان پوءِ آمريڪا اتر ڪوريا تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.

اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته آمريڪا پابنديون مڙهي ڄاڻي واڻي صورتحال خراب ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اتر ڪوريا کي ملڪي دفاع جو حق حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.