ڪراچي مان هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس نيپئر ٿاڻي ويجهو هڪ گهر  اندر زمين ۾ پوريل وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا.

ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا ۾ ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس پراڻا هٿيار ۽ بارودي مواد جي  اطلاع تي آپريشن ڪيو.

ذريعن موجب هڪ عمارت کي گهيري ۾ آڻي ان جي مختلف حصن جي کوٽائي جاري آهي، جڏهن ته  شروعاتي طور تي فرش هيٺان پوريل پراڻا زنگيل هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن

پوليس موجب هيٿارن کي پلاسٽڪ ۾ ويڙهڻ بدران سڌو سئون زمين ۾ پوريو ويو هو،  جڏهن ته عمارت جي ٻين حصن جي به کوٽائي جاري آهي.

ايس ايس پي سينٽرل ملڪ مرتضيٰ ۽ ٽيم جا ٻيا آفيسر به آپريشن ۾ موجود آهن، جڏهن ته وڌيڪ هٿيار به زمين ۾ پوريل هجڻ جا اطلاع آهن.

ايس ايس پي سينٽرل ملڪ مرتضيٰ چيو ته لياري جي لي مارڪيٽ ويجهو نيپئر ٿاڻي جي سامهون گهٽي ۾ 60،70 سال پراڻا گهر ٺهيل آهن.

ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ هو ته گهر جي مٿين منزل تي ڪو ڪٽنب رهندو آهي، جڏهن ته گرائونڊ فلور تي ٿانون جو گودام ٺهيل هو،کوٽائي دوران 10  کان 12 سال اڳ پوريل هٿيارن جا حصا مليا آهن.

هن چيو ته هي ڪارروائي ڪنهن گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ناهي ڪئي وئي، ذاتي طور مليل ڄاڻ تي ڪئي وئي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪارروائي دوران هٿيار ملڻ بابت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.