ايم ڪيو ايم وارا مني بجيٽ ۽ مهانگائي تي احتجاج ڇو نٿا ڪن؟: سعيد غني

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عوامي مسئلن کان هٽي ڪري مڪاني قانون واري بل خلاف احتجاج ڪري رهي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم وارا مني بجيٽ ۽ مهانگائي تي احتجاج ڇو نٿا ڪن؟، مني بجيٽ ذريعي مهانگائي جو طوفان آندو پيو وڃي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شهر کي لساني جهيڙن طرف ڌڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته بدقسمتي سان سياسي پارٽيون عوامي مسئلن تي نه پر مڪاني بل تي احتجاج ڪري رهيون آهن، پ پ هر علاقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، بجلي مهانگي هجڻ تي ايم ڪيو ايم وارن احتجاج نه ڪيو، پيٽرول جا اگهه وڌي رهيا آهن، پر ڪنهن به سياسي پارٽي احتجاج نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.