فريال ٽالپر جي تقرير ٻڌي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا: ايم ڪيو ايم اڳواڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته فريال ٽالپر جي تقرير ٻڌي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

ڪراچي ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته فريال ٽالپر چوي ٿي ته اسان ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي.

هن چيو ته تقرير ۾ فريال ٽالپر جي ڪرپشن نه ڪرڻ بابت ٻڌڻي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت عام شهري کي بااختيار ڪرڻ نٿي چاهي، ڪارو بلدياتي قانون عوام جي در تي انصاف نٿو پهچائي سگھي.

سندس چوڻ هو ته اهي سڀ گڏجي 1500 ماڻهو نٿا آڻي سگھن، هتي عوام ٽيڪس جي پيسي جو حساب وٺڻ آيو آهي.

خواجه اظهار الحسن چيو ته اسان جعلي بينڪ اڪائونٽن تي ڪيس ختم ڪرائڻ ناهيون آيا، اسان ڪنهن ريڙهي واري جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ناهي ڪئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.