عصمت جميل مبينا آپگهات ڪيس، بليڪ ميلنگ ۾ملوث جوابدار گرفتار

دادو(ويب ڊيسڪ ) دادو ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي عصمت جميل جي مبينا آپگهات بابت ڪيس ۾ اڳڀرائي سامهون اچي وئي، بليڪ ميلنگ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو .

عصمت جميل جي مبينا آپگهات واري ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار شمن سولنگي جي پٽ، بليڪ ميلنگ ۾ ملوث فيضان سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ 2 جوابدار شمن سولنگي ۽  امداد سولنگي هيل تائين فرار آهن.

واضح رهي ته 8 جنوري تي دادو ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جي ڇوٿين سال جي شاگردياڻي عصمت بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي پنهنجي گهر ۾ مبينا طور آپگهات ڪيو هو.

عصمت جي موت کان 3 ڏينهن اڳ پيءُ جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ناري کي هراسان ڪرڻ جو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر ۾ وارثن ڄاڻايو ته شمن سولنگي نالي شخص جعلي نڪاح نامو ٺاهي  ناري کي بليڪ ميل ڪيو ۽ 90 هزار رپيا ورتا.

ايف آءِ آر موجب ذهني دٻاءُ جو شڪار ناري رقم جوابدار جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪندي رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.