سنيڪ وڊيو، بيگو لائيو ۽ لائيڪي ايپس پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ٿي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ننڍين وڊيوز جي شيئرنگ ايپ لائيڪي، بيگو لائيو ۽ سنيڪ وڊيو پاڪستان ۾ سروسز جاري رکڻ لاءِ رجسٽريشن حاصل ڪري ورتي.

جويو پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ بيگو سروس پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ پاڪستان ۾ رجسٽريشن لاءِ پي ٽي اي کي درخواست ڏني هئي.

ٻنهي ڪمپنين پنهنجي درخواستن ۾ سنيڪ وڊيو، بيگو لائيو ۽ لائيڪي ايپليڪيشنز کي رجسٽرڊ ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن کي پي ٽي اي منظور ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.