واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ايپ واٽس ايپ ۾ ميسيج ري ايڪشن جي فيچر جي استعمال جو  طريقيڪار سامهون اچي ويو.

رپورٽ موجب (فيسبڪ) جي ملڪيت واٽس ايپ ميسيج ري ايڪشن فيچر تي گذريل آگسٽ ۾ ڪم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ ان فيچر کي آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ آزمائشي طور تي پيش ڪيو ويو آهي.

whatsapp

فيچر جي استعمال جو طريقو

رپورٽ موجب آءِ او ايس واهپيدارن کي ميسيج سيٽنگز ۾ وڃي نوٽيفڪيشن جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو، جنهن کان پوءِ واهپيدارن آڏو ميسيج ري ايڪشن فيچر جو آپشن سامهون اچي ويندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به جلد ان فيچر کي پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي ته فيسبڪ پوسٽ، ميسينجر، انسٽاگرام ۾ اڳ ئي ڪنهن به  پيغام تي رد عمل ڏيڻ جي سهولت دستياب آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.