وفاقي سرڪار کي گھر ڀيڙو ڪرڻ ضرورت بڻجي وئي آهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ( ويب ديسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو وڏي انگ ۾ گڏ ڪري حڪومت ڪيرائڻ اسان جو مقصد ناهي، پر حڪومت کي گهر اماڻڻ به ضروري ٿي ويو آهي.

سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ هن وقت صورتحال خراب آهي، مهانگائي ۽ عوامي پريشاني تي سياسي پارٽين کي چُپ نه ويهڻ گهرجي،  پگهاردار ۽  ڏهاڙيدار طبقي کان پُڇو ته درست اندازو ٿي ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته هنن جي موجودگي ۾ عوام جون تڪليفون ختم ٿيندي نظر نٿيون اچن، اسان جيتري دير چُپ رهنداسين، معاملو  اوترو خراب ٿي ويندو، هن حڪومت جو شيوو آهي ته پهرين بحران پيدا ڪيو  ۽  پوءِ ڪجهه پيسا گهٽ ڪري مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي دعويٰ ڪيو، جنهن وزير اعظم پگهار ۽ انڪم هڪ سال ۾ چار يا پنج ڀيرا وڌائي ان کي مهانگائي ڪئين نظر انداز ايندي.

سندس چوڻ هو ته تجربو نه رکندڙ ماڻهن جي حڪومت ڪو نه ڪو بحران پيدا ڪندي آهي، پاڙيسري ملڪن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته پاڪستان ۾ 4 سيڪڙو مهانگائي وڌي آهي، حڪومت کي جلد گهر نه اماڻيو ويو ته عوام ۽ ملڪ جي پريشاني وڌي ويندي.

وڏي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي شيڊول موجب مارچ تائين تڪبنديون مڪمل ڪندي، جنهن بعد فوري طور مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، اسان اسيمبلي مان منظور ٿيل قانون ۾ مڪاني گورنمينٽ کي وڌيڪ با اختيار ۽ مستحڪم ڪيو آهي، ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اسان هن سال پوري سنڌ م اسڪيمون متعارف ڪرايون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.