شديد ڪوهيڙي سبب ريل گاڏين جو شيڊيول بري طرح متاثر، دير جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ريل گاڏين جو شيڊيول متاثر ٿيو آهي.

ريلوي جي ترجمان موجب ڪوهيڙي سبب مسافر ريل گاڏيون 2 کان 8 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.

ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي کان ايندڙ بزنس ايڪسپريس 8 ڪلاڪ دير جو شڪار آهي جڏهن ته پاڪستان ايڪسپوريس 6 ڪلاڪ، عوام ايڪسپريس ۽ ڪراچي ايڪسپريس 5 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.

ترجمان موجب رحمان بابا ايڪسپريس ۽ علاما اقبال ايڪسپريس 4 ڪلاڪ، قراقرم ايڪسپريس، جعفر ايڪسپريس ۽ شاهه حسين ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.

ان کانسواءِ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ۽ ملت ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.