ڀارتي وزير جو ڪنگنا رناوت جي ڳٽن کان به سٺا روڊ ٺاهڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس سان واسطو رکندڙ ايم ايل اي عرفان انصاري پنهنجي تڪ ۾ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جي ڳٽن کان به سٺا روڊ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب جهارکنڊ سان واسطو رکندڙ ايم ايل اي عرفان انصاري طرفان پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي.

وڊيو ۾ عرفان انصاري کي اهو چوندي ٻڌي سگھجي ٿو ته جماترا ۾ 14 ورلڊ ڪلاس روڊن جي تعمير جلد شروع ٿيندي.

هن چيو ته آئون خاطري ڪرايان ٿو ته اهي روڊ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جي ڳٽن کان به وڌيڪ سٺا هوندا.

ڀارتي ايم ايل اي کي ان بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ به هڪ ڀارتي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳٽن جيان ٺهڻ گھرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.