40 ورهين جي عمر ۾ محبت جي ڳولا معمول بڻايو: ملائڪا اروڙا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا ملائڪا اروڙا پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ملائڪا ۽ اداڪار ارجن ڪپور وچ ۾ بريڪ اپ ٿي ويو آهي  جنهن کان پوءِ ارجن هڪ پوسٽ ذريعي اهڙين خبرن کي افواهه قرار ڏنو هو.

پر هاڻ ملائڪا به انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪندي سندس عمر تي تبصرو ڪندڙ واهپيدارن کي جواب ڏنو آهي.

فوٹو: اسکرین شاٹ

اداڪارا اسٽوري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 40 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي محبت جي ڳولا ڪرڻ معمول بڻايو، 30 ورهين جي عمر ۾ نوان خواب ڏسو ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ به عام ڪريو.

هن چيو ته 50 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي ذات کي ڳولڻ ۽ پنهن جي زندگي جو مقصد حاصل ڪرڻ به سڀني لاءِ عام بڻايو، 25 ورهين جي عمر ۾ زندگي ختم ناهي ٿي ويندي تنهنڪري ائين سوچڻ بند ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.