”ايس بي سي اي جي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ ڪنهن به عمارت کي يوٽيلٽي ڪنيڪشن نه ڏنا وڃن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته جيستائين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عمارت جو ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪري تيستائين ڪي اليڪٽرڪ، ايس ايس جي سي (گيس) ۽ واٽر بورڊ ڪنيڪشن نه ڏئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي آر ڪالوني ۾ غير قانوني طور تي اڏاوت ڪيل پنج ماڙ عمارت بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ايس بي سي اي کي غير قانوني اڏاوتن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ڄاڻايل اڏاوت ختم ڪرائي ڏيڍ مهيني ۾ رپورٽ به طلب ڪري ورتي.

عدالت سب رجسٽرار کي بلڊنگ ڪنهن به دستاويز جي رجسٽريشن، ڪي اليڪٽرڪ، ايس ايس جي سي ۽ واٽر بورڊ کي به عمارت کي ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين ايس بي سي اي عمارت جو مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪري تيستائين ڪنيڪشن نه ڏنو وڃي.

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عدالت ۾ پنج ماڙ غير قانوني عمارت جي اڏاوت بابت رپورٽ جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايم پي آر ڪالوني ۾ اڏاوت ٿيل عمارت جي ڪا به منظوري ناهي ورتي وئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي غير قانوني اڏاوت ڪيرائڻ ۾ مدد لاءِ درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.