ڪراچي:  ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ڳڻتي جوڳي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 35 سيڪڙو کان به ٽپي وئي.

وفاقي اختيارين موجب ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن 8063 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2846 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو.

اختيارين موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 35.30 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ صوبي ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ تي زور ڏنو ويو ۽ نيون پابنديون به لاڳو ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.