ڪورونا وائرس، سنڌ حڪومت جو اسڪولن بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي وڌندڙ شرح جي باوجود صوبي ۾ اسڪولن بابت اهم فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ اسڪول کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ اسڪول کليل رهندا ۽ صوبي ۾ تعليمي سرگرميون جاري رهنديون.

ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾سموري صوبي جي خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن جي سروي ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ خطرناڪ تد تائين واڌ ٿي وئي آهي ۽ سڄي ملڪ جي شهرن ۾ سڀ کان بلند شرح ڪراچي ۾ 35 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.