عالمي ڪرڪيٽ ۾ کيڏيل ڪجهه سنڌي ڪرڪيٽرن جو احوال

سنڌيڪار: ڪرم علي شاهه ڪرم

ورهاڱي ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد ڪرڪيٽ راند پنجاب ۽ ڪراچي جي علائقن تائين محدود ٿي وئي. 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي تائين فقط پنجاب ۽ ڪراچي شهر سان تعلق رکندڙ انٽرنيشنل رانديگر قومي ٽيم جو حصو بڻجندا رهيا ۽ اهڙي ريت اها راند ٻين صوبن جي رانديگرن کي موقعو فراهم نه ڪري سگهي. پر فرسوده طرز تي هلندڙ ان نظام ۾ تبديلي جي سخت ضرورت رهي ته جئين ملڪ جي چئني صوبن جي ٽيم ۾ نمائندگي ممڪن ٿي سگهي.

انهيءَ مشن کي سرانجام ڏيندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ جو پهريون ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردار هو جيڪو نه فقط سٺو ڪپتان پر دورانديش باصلاحيت شخصيت جو مالڪ به هو. هن جو چوڻ هو ته جيستائين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان رانديگرن جي نمائندگي نه ٿيندي تيستائين پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ۽ قومي ٽيم کي به هٿي نه ملي سگهندي.

انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هن مختلف بينڪن ۽ واپاري ادارن جون نمائندا ٽيمون جوڙڻ لاءِ سندرو ٻڌو. ان قدم سان نوجوان رانديگرن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا ۽ راند ۾ بهتري آڻڻ جو موقعو به مليو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پاڪستان جي هر علائقي مان رانديگر پاڪستان جي ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيڻ لڳا.

سنڌ ،بلوچستان ۽ سرحد (موجوده خيبرپختونخواه) مان به پاڪستان جا ڪرڪيٽر اڀري سامهون اچڻ لڳا. سنڌ هميشه تعصب جو شڪار رهي ۽ هتان تمام گهٽ رانديگر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏي سگهيا. راند جي مقبوليت ۽ ڪرڪيٽ ۾ وڌندڙ موقعن جو حصو بڻجڻ لاءِ سنڌ ۾ راند کي اهميت ملڻ لڳي ۽ هاڻ سنڌ صوبي جا ڪيترائي اڀرندڙ رانديگر پاڪستان جي ٽيم ۾ وقتن بوقتن نظر اچڻ لڳا آهن.

هاڻي ويجهڙ ئي پاڪستان جي بنگلاديش جي دوري ۾ لاڙڪاڻي مان آيل رانديگر شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽئين ٽِي 20 ميچ ۾ کيڏايو ويو ته ماڻهن اهو معلوم ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ هي پاڪستان جو پهريون رانديگر آهي؟ ته مونکي به خيال آيو ته ڇو نه آئون ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ان موضوع تي روشني وجهان.

ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ يقينن هڪ مقبول راند هئي پر ان راند جي گهڻي مقبوليت يو پي ،مدراس ۽ مهاراشٽريه ۾ هئي، پر ان جي باوجود 1920ع ۽ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ آسٽريليا جي “ايم سي سي ” يعني ميلبرن ڪرڪيٽ ڪلب جون ٽيمون سنڌ ۾ کيڏنديون رهيون. پر انهن ٽيمن خلاف گهڻا پارسي ۽ عيسائي ۽ ٻين زبانون ڳالهائيندڙ رانديگر رهيا. جيڪڏهن ويجهن سالن جي ڳالهه ڪيون ته شرجيل خان، نعمان علي،محمد حسنين پاڪستان جي نمائندگي ڪندي انٽرنيشنل ميچن ۾ کيڏي چڪا آهن ۽ ڪجهه سال اڳ انيل دلپت ۽ دانش ڪنيريا به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندي نظر اچي چڪا آهن پر انهن مان ڪو به رانديگر سنڌي ڳالهائيندڙ نه هو. شرجيل خان پنجاب جو سرائيڪي، نعمان علي پنجابي ۽ محمد حسنين راجيسٿاني ڳالهائيندڙ هئا. جڏهن ته دلپت ۽  ڪنيريا جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پيدا ٿيا پر سندن تعلق گجراتي ڳالهائيندڙ گهراڻن سان آهي. ان لاءِ جڏهن زاهد محمود يا شاهنواز ڏاهاڻي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي ته اهو تاثر پيدا ٿيو ته شايد اهي رانديگر قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ پهريان سنڌي رانديگر آهن پر اهو چوڻ انڪري درست نه آهي ته پاڪستان ٺهڻ بعد پهريون سنڌي ڳالهائيندڙ قومي رانديگر عبدالقادر هو. 1964ع ۾ آسٽريليا خلاف ڪراچي جي ٽيسٽ ۾ هن پهريون ڀيرو ٽيسٽ ۾ اوپننگ ڪندي 95 رنسون ٺاهيون پر بدقسمتي سان هو رن آئوٽ ٿي ويو.سندس اوپننگ پارٽنر خالد عباد الله ان ٽيسٽ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان طرفان کيڏندي پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ سنچري ٺاهي ۽ قادر سان گڏجي پهرين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 249 رنسن جو اضافو ڪيو. عبدالقادر فقط 4 ٽيسٽ کيڏيو ۽ بعد ۾ نيشنل بينڪ آف  پاڪستان جي وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تي فائز ٿيو. سندس ٻن ٻين ڀائرن عبدالرشيد ۽ عبدالعزيز جيتوڻيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ته نه کيڏي سگهيا پر هڪ وڏي عرصي تائين فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندا رهيا.

عبدالعزيز قائداعظم ٽرافي جي هڪ ميچ دوران آف اسپنر جو بال دل تي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو.هي اها ميچ هئي جنهن ۾ حنيف محمد ”ڊان بريڊمن“ جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جو 452 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙيندي 499 رنسون ٺاهيون ۽ هو 500 رنسون مڪمل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي رن آئوٽ ٿي ويو هو. 59ع -1958ع جي سيزن ۾ ڪراچي ۽ بهاولپور وچ ۾ اها ميچ ڪي پي آءِ گرائونڊ ڪراچي ۾ کيڏي وئي. اهي ٽئي سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر قادر ،رشيد ۽ عزيز دل جا مريض هئا ۽ هن دنيا مان رخصت ٿي ويا.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن هندستان پنهنجي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي پهرين ٽيسٽ لارڊز جي ميدان ۾ 1932ع ۾ انگلينڊ خلاف کيڏي ته ان جو اوپننگ بيٽسمين ڪراچي جو سنڌي رانديگر جيومل نائومل هو. هن هندستان طرفان 3 ٽيسٽ ميچون کيڏيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن ڪراچي ۾ هندوجيم خاني جي ٽيم جي ڪپتاني سنڀالي ۽ 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ هو پاڪستاني رانديگرن جو ڪوچ به رهيو ۽ امپائر به.

70ع جي ڏهاڪي ۾ هو هندستان هجرت ڪري ويو ۽ اتي ئي ممبئي جي شهر ۾ لاڏاڻو ٿيس. هو منهنجو به ڪوچ رهيو ۽ نهايت نفيس انسان هو.

فقط اهو ئي نه پر هندستان جي هڪ ڪپتان گلاب راءِ ملاڻي رامچند جيڪو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ممبئي هليو ويو هو، هن 1952ع کان 1960ع تائين هندستان طرفان 33 ٽيسٽ کيڏيا.هن انهن سالن ۾ 2 ٽيسٽ سينچريون ٺاهيون ۽ 41 وڪيٽون به ورتائين. اهڙِي ريت هڪ ٻيو هندستان جو رانديگر رنومل هوتچند پنجابي به ڪراچي جو سنڌي ڳالهائيندڙ هو. (واضح رهي ته هتي پنجابي جو مطلب اهو نه ٿيو ته هو پنجابي ڳالهائيندڙ هو) رنومل هوتچند هندستاني ٽيم جي نمائندگي لاءِ 1955ع ۾ پاڪستان جي دوري دوري تي آيو هو. هن هندستان طرفان 5 ٽيسٽ کيڏيا ۽ سندس 90 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ٿيو.

شاهنواز ڏهاڻي کان پهرين عبدالقادر ته کيڏيو ئي پر قومي ٽيم ۾ شامل هن وقت جي رانديگرن ۾ ليگ اسپنر زاهد محمود به آهي جنهن جو تعلق دادو ضلعي سان آهي ۽ هو گهڻي ڪرڪيٽ حيدرآباد ۾ کيڏيو آهي. شاهنواز ڏاهاڻي تازي دوري ۾ بنگلاديش ۾ کيڏيو پر هن ئي سال هن کان اڳ زاهد محمود، ڏکڻ آفريڪا خلاف قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.اها گهڻي همٿائيندڙ تبديلي آهي ته هاڻي سنڌي ڳالهائيندڙ رانديگر پاڪستان طرفان ٽي 20، هڪ ڏينهن واري ۽ ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيا آهن.

آئون اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ قائداعظم ٽرافي جي جڏهن سڀ کان پهرين ميچ 1953ع ۾ بهاولپور خلاف کيڏي وئي هئي ان وقت سنڌ جو ڪپتان شاه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو هو. کيس ڪرڪيٽ جو گهڻو شوق هو ۽ سندس پنهنجي ٽيم به هئي جنهن ۾ حنيف محمد جهڙا پاڪستان جا ناليوارا رانديگر به شامل رهيا هئا. پير صاحب هڪ ڀيرو 1956ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ طرفان ايم سي سي “اَي” ٽيم خلاف به کيڏڻ ويو. حُرن جو روحاني پيشوا ۽ پير هجڻ باوجود سندس ڪرڪيٽ راند ۾ به سرپرستي هميشه شامل رهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ قائداعظم ٽرافي جي هڪ ميچ دوران شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود سان ملاقات ٿي. جڏهن کين اها ڳالهه معلوم ٿي ته آئون به سنڌ ۽ ان جي شهر حيدرآباد طرفان کيڏي چڪو  آهيان ته ٻنهي انتهائي سرهائي جو اظهار ڪيو. شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته ماڻهو کيس “ڌاني” سمجهن ٿا پر سندس ذات جو صحيح تلفظ ڏاهاڻي آهي ۽ کيس وڏي خوشي آهي ته هو پاڪستان طرفان کيڏي رهيو آهي. زاهد محمود جا خيال به ڪجهه اهڙا ئي هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.