15 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير؛فقير محمد سنڌي

¨ 15جنوري 1759ع تي برٽش ميوزيم جو افتتاح ٿيو.

¨ 15 جنوري 1873ع تي سنڌ جو صوفي بزرگ شاعر فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙي ۾ وفات ڪئي.

¨ 15 جنوري 1892ع تي باسڪٽ بال جا قاعده پھريون ڀيرو شايع ڪيا ويا.

¨ 15 جنوري 1885ع تي غريب جمع خان ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو ڳوٺ دين خان لاکير تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو، پاڻ مشھور شاعر، صحافي ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي.

¨ 15 جنوري 1902ع تي سنڌ جي سياسي تاريخ جو مشھور ناءُ قاضي فضل الله نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.

¨ 15 جنوري 1910ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار اي شاهه جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 15 جنوري 1913ع تي تراب بروهي لاڙڪاڻوي اصل نالو عبدالڪريم ولد مير شادي خان محمد زنئي مينگل ڳوٺ قلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- شاعر ۽ نثر نويس هئس.

¨ 15 جنوري 1918ع تي مصر جو صدر جمال عبدالناصر، اسڪندريه ۾ جنم ورتو.

¨ 15جنوري 1929ع تي ڪالم نگار، شاعر، مصنف ۽ مسلمان صوفي واصف علي واصف جنم ورتو.

¨ 15 جنوري 1930ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب لساني ماهر پروفيسر پريتم ورياڻي نصرپور حيدرآباد (هاڻوڪي ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو)

¨ 15 جنوري 1930ع تي مشھور ڪافي گو شاعر ۽ مهان راڳي حسين بخش ”خادم“ سروري ولد پير بخش ڀنگر ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ڄائو.

¨ 15 جنوري 1934ع تي سنڌ جو معروف قومي شاعر ابراهيم منشي اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومري تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.

¨ 15جنوري 1935ع تي نقاد، محقق ۽ شاعر شمس الرحمن فاروقي جنم ورتو.

¨ 15جنوري 1936ع تي پهريون ڀيرو اوهائيو ۾ شيشي سان ڍڪيل عمارت ٺاهي وئي.

¨ 15جنوري 1943ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي آفيس بلڊنگ پينٽاگون جي تعمير ٿي.

¨ 15 جنوري 1955ع تي شاعره مھر النساءِ لاڙڪ جنم ورتو.

¨  15 جنوري 1958ع تي سنڌ جي مشھور اداڪاره شبيران چنا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨  15 جنوري 1962ع تي مشھور صحافي، شاعر ۽ اديب زوار نقوي ولد سيد ويڌل شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.

¨  15 جنوري 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعره پشپا ولڀ، نامياري ليکڪ ولي رام ولڀ جي گهر مٺيءَ ۾ جنم ورتو.

¨  15 جنوري 1965ع تي برطانيه جي وزيراعظم چرچل جو وڇوڙو ٿيو.

¨  15 جنوري 1966ع تي راولپنڊي، اسلام آباد ٽيلي ويزن اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.

¨  15 جنوري 1970ع تي مجاهد دکن، سيد قاسم رضوي جو وڇوڙو ٿيو.

¨  15 جنوري 1970ع تي شاعر ۽ تنقيدنگار امداد جعفري ولد سيد غلام رسول شاهه ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو.

¨  15 جنوري 1971ع تي مصر ۾ اسوان ڊيم جو افتتاح ٿيو.

¨  15 جنوري 1972ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي الله بخش ”سرشار“ عقيلي وفات ڪئي.

¨  15 جنوري 1977ع تي مشھور اديب ۽ ماهر تعليم پروفيسر، رشيد احمد صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو.

¨  15جنوري 1977ع تي مضمون نگار ۽ نقاد رشيد احمد صديقي جو وڇوڙو ٿيو.

¨  15جنوري 1981ع تي ريڊيو پاڪستان ڊيره غازي خان جو آغاز ٿيو.

¨  15 جنوري 1985ع تي بشير خان قريشيءَ کي رتيديري مان گرفتار ڪري فوجي عدالت حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو. ۽ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال جو قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي

¨ 15جنوري 1996ع تي مشھور شاعر محسن نقوي جو وڇوڙو ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.