چئُه! جو توکي چوڻو آ……

جوهي تعلقي ۾ تعليم

جي بهتري ڪير ڪندو

تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي دنيا جي تاريخ گواھ آهي ته تعليم کان سواءِ ڪابه قوم ترقي ناهي ڪري سگهي، دنيا جي ڪابه طاقت يا جادو ڪنهن به فرد يا قوم ۾ ترقي يا شعوري سگهھ پيدا نه ٿي ڪري سگهي،

اسان وٽ سنڌ ۾ تعليمي نظام وڏيرن ڀوتارن سياسي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي رحم و ڪرم تي آهن انهن جي آرڊرن تي اسڪول کوليا ۽ بند ڪيا ويندا آهن.سنڌ ۾ اڪثر اسڪول وڏيرن جا واڙا ۽ ڀوتارن جا گودام بڻيل آهن ۽اڪثر  استاد پڻ سياسي ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي انهن جي حڪمن تي  هلي رهيا آھن

سنڌ ۾ 8 جنوري تي تعليمي ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو آهي ان ڏهاڙي تي هر سال تعليمي ڪامورا توڙي تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون به فارميلٽي پوري ڪري تعليم جي بهتري ڪرڻ بدران وري نئين سال تائين گهري ننڊ سمهي رهندا آهن.

اهڙيءَ طرح دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي تعليم تي نظر ڦيرائجي ته تعليم بهتر ٿيڻ بدران ويتر گهٽجڻ لڳو نااهلي سستي ۽ تعليم کاتي جي آفيسن ۾ مقرر رشوت خور  ۽ نااهل ڪلارڪن جي غلط پاليسين سبب جوهي تعلقي ۾ هلندڙ اسڪول بند ڪرائي ڪاڇي جي تعليم جو هٿ سان ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي.

ان جو زنده مثال جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي قديمي ڳوٺ الهداد شاهاڻي جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول آهي جيڪو مقرر استاد جي رٽائر ٿيڻ بعد گذريل ٽن سالن کان بند پيل آهي.

ڳوٺاڻن موجب ٽي اي او جوهي کي اسڪول کولرائڻ لاءِ  مسلسل چوڻ باوجود سندن اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿي سگهيو ڳوٺاڻن ۽ شاگردن پهرين سيپٽمبر 2021 تي اسڪول کولڻ لاءِ احتجاج شروع ڪيو.

اسڪول ۾ شاگرد ۽ ڳوٺاڻا  ھرروز احتجاج رڪارڊ ڪندا رهيا ان احتجاج جون ميڊيا ۾ خبرون هلڻ باوجود ڪاڇي جي بند پيل اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري گلن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل بچائڻ بدران پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهھ ڏيئي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ بدران هٿ سان پنهنجي نااهلي ظاهر ڪرائي ڪاڇي ۾ تعليم جي تباهي ڪري رهيا آهن،

وقت جي تاريخ ۾ قلم ذريعي ايندڙ نسلن کي پڻ خبر پوندي ته سياسي آشيرواد سان ايندڙ ڀوتارن جي اشاري تي هلندڙ تعليمي آفيسر تعليم جي بهتري بدران هٿ  سان تعليم تباھ ڪندا رهيا آهن.

وزير تعليم سيد سردار شاھ سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر خان لغاري کان مطالبو ٿا ڪيون تعلقي جوهي ۾ تعليم جي بهتري ڪرائي ڪاڇي جو بند پيل بوائز  اسڪول الهداد شاهاڻي کولرائي گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪندڙن کي فوري طور معطل ڪري شاگردن کي تعليم سان نوازيو.

منٺار شاهاڻي /ڪاڇو

سنڌ جو ٽيون نمبر شهر سکر بنيادي سهولتون کان محروم ڇو؟

اوهان سڀني کي خبر هوندي ته هن وقت سکر سنڌ جو ٽيون نمبر ۽ ڪاروباري لحاظ سان وڏي اهميت رکندڙ شهر آهي ۽ ڪيترائي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز توڙي وڏا وڏا آفيسر انهيءَ شهر سان تعلق رکن ٿا پر پوءِ به سکر شهر بنيادي سهولتون کان محروم آهي، ڇو ته ايڏي وڏي شهر ۾ نه ته پيئڻ جي پاڻي جي سهولت آهي نه گئس جي سهولت آهي ۽ نه ئي روڊ رستا ٺهرايا پيا وڃن.

هونئن ته اسان جا چونڊيل نمائندا سکر شهر کي سنڌ جو پيرس سڏيندا آهن پر سواءِ ٻاهرين روڊ  ٺهرائڻ جي شهر ۾ ڪجهه به نه ڪرايو ويو آهي، توهان شهر جي اندروين علائقن ڏانهن نظر وجهو ته پراڻو سکر هجي يا

قريشي ڳوٺ، نئوپنڊ هجي يا وسپور، نئون ڳوٺ هجي يا ٻيا علائقا سڀني ۾ گندگي جي ڍيرن سميت گٽرن جو گندو پاڻي پڻ بيٺل آهي ۽ اتي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو پڻ برو حال آهي جيڪي 2 سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيا آهن جنهن سبب اتي موجود شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شهرين پاران روزانو جي بنياد تي پريس ڪلب، چوڪن ۽ چوراهن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن پر انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي ۽ شهري عذاب ۾ ورتل، پوءِ به اسان جي سکر شهر جي معزز چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن کان مطالبو آهي ته سکر جي شهرين کي بنيادي سهولتن سميت شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.

آصف علي عباسي/سکر.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.