سنڌ جو مصور توفيق سولنگي

تحرير؛سهيل جويو

ڄامشورو اها ڌرتي آ جنهن جي هاڪ شايد ئي ڪٿ نه هجي، سنڌڙيءَ جو هي ڇيڙو جيڪو ڪڏھن باغي حليم جي بقول ته ننڍڙو هيو، پر هاڻي سندس آبادي پڻ خاشي ٿي وئي آھي، ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي هميشه هر هڪ کي روح ۾ جايون ڏنيون آھن، هتي جڏھن به ڪو به اچي رهيو آھي ته کائس پنهنجي جنم ڀومي پڻ وسري وئي آھي ۽ هو نه چاهيندي به ڄامشورو جو بڻيو وڃي ۽ پوري عمر ڄامشوري جا ئي آلاپ پيو جهونگاريندو آھي.

ڄامشوري هونئن ته ڪافي نالا سنڌ امڙ جي جهوليءَ ۾ وڌا آھن پر هڪڙو اهڙو ئي نالو جيڪو مصوريءَ جي دنيا ۾ چوڏينهن جي چنڊ جيان چمڪي پيو سو آھي توفيق سولنگي…!توفيق سولنگي جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي اٺن ورهين کان رنگن جي دنيا سان کيڏندو پيو اچي، ۽ انهن رنگن بدولت کيس اڻ کوٽ پيار ۽ مڃتا پڻ جو ملي آھي، توفيق سولنگي پيٽ پوڄا خاطر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ننڍڙي ملازمت ته ڪري پيو پر سندس رڳ رڳ ۾ مصوري سمايل آھي تڏھن ئي ته هن مجسماسازي، پينٽنگ، پورٽريٽ ،  ڪيليگرافي ۽ آرٽ ذريعي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ٽيھ کان وڌيڪ نمائشن ۾ حصو ورتو آھي،وفيق سولنگي جڏھن برش کڻي ويهي ٿو ته هن جو برش ڪڏھن شھيد راڻي بينظير ڀٽو، ڪڏھن ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، مير مرتضي ڀٽو، ڪنگ پريسٽ، ناچڻي، سقراط توڙي ارسطو جهڙن شخصيت کي ڀيٽا بخشڻ جي لاءِ  اهڙو ته استعمال پيو ٿئي جو اهي شخصيتون وڌيڪ چمڪڻ لڳن ٿيون،

ڄامشوري جي سينڊوز روڊ تي جيئن ئي اڳيان هلبو ته، لاهوتي ڊيڪوريشن جي آمهون سامهون روڊ جي هن هٿ تي اوهان کي دڪان اڳيان ٺھيل ڇپري ۾ ھڪڙو شخيص پنهنجي ڪم ۾ مصروف نظر ايندو، جيڪو دنيا جي جنجهٽ مان نڪري پنهنجي سونن هٿن وسيلي پيو سهڻين شخصيتن کي ڀيٽا بخشيندو، 

توفيق سولنگي توڙي جو سنڌ توڙي ملڪ ۾ ملڻ جوڳي مڃتا ماڻي نه سگهيو آھي پر پوءِ به کيس جيڪا محبت ملي آھي ان سندس سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيا آھن، هي اهو شخص آھي جيڪو هن سماج ۾ سٺائي لاءِ ڪم ڪندڙ ھر فرد کي ڀيٽا طور نه صرف سندس ڪا سھڻي تصوير کي ڪي خوبصورت رنگي ڀري، پر کيس وڃي هٿ ۾ گفٽ پڻ ڪري ايندو آھي.

سنڌ جي ثقافت هجي يا هتان جي رهي ڪهڻي، اسلامي آيتون هجن يا ڪي شخصيتون توفيق سولنگيءَ محنت ڪري انهن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آھي..جڏهن هن سهڻي آرٽسٽ سنڌ ۾ آرٽ جو قدر نه هجڻ جي ڳالھه ڪئي، يقينن سندس دل شڪسته ضرور ٿيو پر پوءِ به سندس هٿ پوئتي ڪونه هٽيو ۽ اڳ کا اڳڀرو ٿي رنگ کي رنگ ساڻ ملائي خدمت جاري رکي.

سنڌ ۾ هڪڙي روايت اها به آھي ته ڪنهن به ڪم واري شخصيت کي مڃتا توڙي ڀيٽا سندس وڃڻ پويان ڏني ويندي آھي، سندس جي وڃڻ کان پوءِ تعزيتي ميڙاڪا به ڪوٺائبا آھن کيس ڀيٽا به پئي ڏيبي آ، پر حياتيءَ ۾ کائنس ڪو حال پڇڻ وارو به نه هوندو آھي. اهڙا ڪيترا ئي مثال پاڻ وٽ اڄ به موجود آھن پر ضرورت ان ڳالھه جي آ ته واڳ ڌڻي هن هيڙي مصور جي ڪا مالڪي ڪن ته جيئن هو پنهنجي خدمت اڳ کان به وڌيڪ جاري رکي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.