نثري نظم

ادل سومرو

 

پاڻ پڻي جو احساساتي الميو

ڪنھن زماني ۾ تون

اداڪاره نرگس جا فلم

وڏي چاھ سان ڏسندو ھئين

جو نرگس توکي وڻندي ھئي ۔

پوءِ تون پاڻ ئي

نرگسيت جو شڪار ٿي وئين ۔

پاڻ کان ٻاھر

تو ڏسڻ ڇڏي ڏنو

پاڻ کي ڏسندو ھئين

پاڻ تي سوچيندو ھئين

پاڻ کي وڻندو ھئين

آئينو توسان اک ملائي

نه سگھندو ھو ۔

تنھنجي چاپلوسي ڪندڙ

اجايا ماڻھو به توکي پيارا لڳندا ھا ۔

ھر ڳالھه جي شروعات

تون پاڻ کان ڪري

پاڻ تي ئي ختم ڪندو ھئين

ٻئي جو ذڪر به پنھنجي ئي

حوالي سان ڪندو ھئين

تون پاڻ ۾ ئي ويڙھجي وئين

ٻيو ڪو تنھنجي ڀرسان

ھوندي به ڄڻ نه ھوندو ھو ۔

تون رڳو پاڻ کي محسوس

ڪندو ھئين

پاڻ پڻي جي بيماري توکي

وڪوڙي وئي ۔

جنھن جو علاج

حڪيم اجمل وٽ به نه ھو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.