تعليم جي بنيادي قانون جا بخيا اڊيڙيا نه وڃن

تعليم کاتي جي هزارين اسڪولن کي بند ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ عوام کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ  قائم ٿيل اداري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  ڪافي هنڌن تي اسڪول کولي ان جي جاءِ ڀرڻ ۽ سرڪاري اسڪولن جي ڀرسان اسڪول قائم ڪرڻ جي ڪوشش دوران تعليم جي بنيادي قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن،

رپورٽن موجب  تعليم کاتي .سنڌ جا 5 هزار سرڪاري اسڪول  بند ڪري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو، سيف غلط رٿابندي ڪندي خطرناڪ هنڌن تي اسڪول کولي رهي آهي..ان جي لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي جو ان سان ٻارڙن جي زندگيءَ به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي..

تعليم جي کاتي  بدين ضلعي ۾  اٽڪل 300  اسڪولن کي ختم ڪري سيف لاءِ رستو  صاف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن بدين ۾ ٿرڪول باءِ پاس وٽ پيٽرول پمپ جي ڀر ۾ پيٽرول پمپ کان جاءِ وٺي سيف اسڪول کوليو آهي، پيٽرول پمپ وٽ اسڪول کولڻ سبب ٻار ڪنهن به وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهن ٿا.  سيف جي اهڙن قائم ٿيل ۽ قائم ٿيندڙ اسڪولن ۾ مقرر استاد  6 ھزار کان 10 ھزار تائين معاوضي عيوض سيف جي اسڪولن ۾ پرهائين ٿا. اسڪول هلائيندڙن تي ڪنهن قسم ڪا نظرداري  به نه آھي .

اهڙي عمل ۾ حڪومت جي  تعليم کاتي  جا آفيسر ۽ استاد  به شامل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

سنڌ جي پنج ھزار ۽ بدين جي اٽڪل ٽي سئو اسڪولن کي بند ڪيو پيو وڃي،سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن جي ذريعن اسان جي نمائندي کي ٻڌايو ته  قانوني طور تي سرڪاري پرائمري اسڪول جي ڏيڍ ڪلو ميٽر  ۽ مڊل يا ھاءِ  اسڪول جي 5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي جي  اندر  ڪوبه سيف اسڪول نه ٿو ھلائي سگھجي پر بدين ۾ سڀ ڪجھه  ان جي ابتڙ ٿي رھيو آھي ھڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي جي اندر پرائمري  ۽ ٻن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي جي اندر  مڊل اسڪول قائم ڪري ان جي  ذميواري سيف کي ڏني پئي وڃي

شھيد بينظير بستي بدين ۾ سرڪاري اسڪول ھلندڙ آھي ان جي ڀر ۾ پيٽرول پمپ کان جاءِ وٺي سيف جو اسڪول کوليو ويو آھي ساڳي ريت صديق جت ٽنڊو باگو روڊ تي ڇٽو ھاليپوٽو اسڪول جيڪو سرڪاري قديمي اسڪول آھي ان جي سامھون ئي سيف جو اسڪول کوليو ويو آھي.

ساڳي روڊ تي عالم کوسو سيف اسڪول کوليو ويو جنهن جي ڀر ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول حاجي علي محمد سميت ٽي سرڪاري تعليمي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن

تعليم کاتي  بدين  جي عملدارن تصديق ڪئي ته  سيف  سرڪاري اسڪولن  جي موجودگيءَ وارن هنڌن  تي به اسڪول کولي رھي آھي.

حاصل ڪيل معلومات موجب تعليم کاتي بدين جي ڪامورن جو چوڻ آهي ته سنڌ ايجوڪيشن  فائونڊيشن جا نمائندا اسان سان رابطي ڪرڻ جي بجاءِ اهي مٿان کان ئي پنهنجا معاملا طئي ڪري ٿا ڇڏين، جنهنڪري اهي تعليم کاتي جي  مقامي عملدارن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ئي پنهنجو ڪم شروع ڪري ٿا ڇڏين.  سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن بدين جي انچارج اسان جي عيوضي کي ٻڌايو ته اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي اسڪول ان ڪري کولي رهيا آهيون جو سرڪاري اسڪول ۾ استاد گھٽ ۽ ٻار وڌيڪ آھن ان سان اسان ويجھي مفاصلي تي اسڪول کولي ٻارن کي تعليم ڏئي سگھون ٿا پر اڌ ڪلو ميٽر کان گھٽ فاصلي ۽ سرڪاري تعليمي اداري ۾  استاد ۽ ڪمرا پورا آھن ته پوءِ نه ٿا کولي سگھون.

بدين ضلعي ۾ تيزي سان سيف پاران کلندڙ اسڪولن بابت سياسي سماجي حلقن حيرت ظاهر ڪندي چيو ته،  انتھائي خطرناڪ جاين ۾ اسڪول ھلايا پيا وڃن، انهن ۾تعليم بابت سمورا رائج قانون لتاڙيا پيا وڃن،. اهڙو عمل ٻارن جي زندگيءَ ۽ مستقبل سان کيڏڻ برابر آهي.

اها آهي ته بنهه عجيب ڳالهه جو سنڌ حڪومت پنهنجا کوليل اسڪول بند ڪرڻ ۾ رڌل آهي، وري سنڌ سرڪار جي مدد سان ڪم ڪندڙ ادارو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول کولڻ وارو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه وقت اڳ جڏهن سنڌ جي تعليم واري وزير سنڌ ۾  اسڪولن بند ڪرڻ جي پڌرائي جاري ڪئي هئي تڏهن سنڌ جي ذي شعور ماڻهن ان تي حيرت جو اظهار ڪيو هو، پر سرڪار ان بابت وڌيڪ ڪو به غور ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي فيصلي تي قائم رهي، اهو ته ٿيو هڪڙو پاسو پر ان کانپوءِ هن وقت بدين ۾ جنهن تيز رفتاري سان اسڪول کوليا پيا وڃن اها ڳالهه به ڪنهن حيرت کان گهٽ نه آهي.

حڪومتن جو بنيادي ڪم هوندو آهي ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ پر سنڌ ۾ ورهين کان ماڻهون بنيادي سهولتن جي بنا گهارين پيا، انهن سهولتن جي لاءِ عام ماڻهون آواز به اٿاريندو رهي ٿو پر ان جي ڪو به نٿو ٻڌي.سنڌ جا ٻه اهڙا شعبا آهن جيڪي سڌي ريت عوام جي زندگيءَ تي اثر  وجهن ٿا، انهن ۾ هڪ تعليم وارو شعبو آهي ٻيو صحت وار کاتو آهي، 1970 واري سول سرڪار عوام جي سهولت جي لاءِ تعليم جون ڳاٽي ٽوڙ فيون معاف ڪري تعليم کي عام ڪيو هو، ان کان اڳ جيڪي به تعليم ادارا خانگي شعبن  ۾ ڪم ڪري رهيا هئا انهن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو هو، هن وقت جيتوڻيڪ سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ ڌر ان پهرين جمهوري حڪومت جو تسلسل سمجهي وڃي ٿي پر تعليم جا حال پورا سارا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سرڪار تعيلم کاتي ۾ ۽ تعليم جي لاءِ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري ادارن ۽ نجي ادارن جي مانيٽرنگ جو اهڙو سسٽم لاڳو ڪري جنهن مان عام ماڻهون کي اطمينان ٿئي،هئڻ ته ائين گهرجي جو هن  حساس معاملي تي سرڪار ڪنهن به ڌر کي ڪا به رعايت نه ڏئي، پر هن وقت جي بدين ۾  اڳ ۾ ئي هلندڙ سرڪاري اسڪولن جي ڀرسان سيف پاران اسڪول کولڻ واري ڳالهه سمجهڻ کان مٿاهين آهي.

هاڻي جيڪڏهن سرڪار اهو اعلان ڪري ٿي ته اسان هر شعبي ۾ ميرٽ کي برقرار رکنداسين ته ان تي ڪير اعتبار ڪري سگهندو ؟

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.