سيڪيولرزم ڇا آھي

تحرير؛نثار لغاري

سيڪيولرزم بابت تمام گهڻي پروپگينڊا ڪئي وئي آھي ته هي مذھبن جي خلاف نظريو آھي پراهاڳالهه غلط آھي. سيڪيولرزم دنيا کي سمجهڻ جو نظريو آھي  سيڪيولرزم  جديد سائنسي سماجن جي جنم وٺڻ کان پوءِ پيدا ٿيو.  هن نظريي  جو باني برطانيا جو هڪ پادري جارج هولي اوڪ هو  جنهن  برطانيا ۾ سيڪيولر سوسائٽي پڻ قائم ڪئي هنن جو خيال هوته انسان جي سچي رهنما سائنس آھي هرهڪ ماڻھو پنهنجن خيالن ۾ آزاد آھي.

عقل اسان جو رهنما آھي، سائنسي تنقيدي عقل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي ڪنهن تي به جبر ڪري کيس ڪي نظريا خيال ۽ عقيدا قبول نٿا ڪرائي سگهجن انسان آزاد ڄائو آھي کيس ڪي به عقيدا رکڻ يا ڇڏڻ جو مڪمل اختيار آھي هن دنيا کي خوبصورت بنائڻ گهرجي

سيڪيولرزم بابت هن وقت تمام گهڻي پروپگينڊا ڪئي پئي وڃي ته اهو دهريت جو نظريو آھي پر اهي سڀ ڳالهيون انسانن عقل شعور ۽ فهم جي سفر کي دٻائڻ لاءِ ٿي رهيون آھن ۽ ھتي خاص هڪ مخصوص سوچ ۽ ڪند ذھنيت کي حاوي ڪيو ويو آھي جيڪا سوچ هن وقت هاڻ مري رهي آھي عقل جي حڪمراني قائم ٿي چڪي آھي  مطلب ته دنيا مسلسل وهڪري ۾ آھي جنهن جي ڪري خيالن فڪرن جو به وهڪرو جاري آھي

افسوس اسان وٽ حڪمران طبقا، ٽي وي، ريڊيو، ويڪائو دانشورن ۽ مولوين جي هٿان اها پروپگينڊا ڪرائيندو رهندو آھي ته سيڪيولرزم خراب آھي، اسلام ۽ ٻين مذھبن جو دشمن آھي.

جهڙي ريت هو سوشلزم ۽ ڪميونزم کي به اسلام دشمن ڪافرن جو نظريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آھي.  حڪمرانن جي اها ڪوشش ھوندي آھي ته عوام ۽ پڙھيل لکيل نوجوان دقيانوس  سوچن ۾ ڦاٿل رهي هن سماج جي مسئلن تي نه سوچي  بس اجاين خيالي هوائي توائي ڳالهين ۾ غرقان هجي  نشي ۾ ڪريل هجي عقيدت جي خيالي خول کي سنڀاليو ويٺو هجي  ڪجهه به نه ڪري

مهانگائي، بيروزگاري، غربت افلاس تي خاموش ھجي بس جيڪو به ڪجهه ٿي رهيو آھي بغير ڪنهن سوچ ۽ تنقيد جي سڀ ڪجهه قبول ڪري ڇڏي

هن وقت عوام اندر سائنسي سوچن ۽ سيڪيولرزم جو پرچار وڌ کان وڌ ڪرڻ گهرجي جيترو ماڻھو سيڪيولر ٿيندا، اوترو فهم عقل ۽ سمجهه وارا ٿيندا وڌيڪ سائنسي ايپروچ حاصل ڪندا

افسوس اسان جي حڪمران طبقن ۽ انهن جي روحاني فوج عوام کي خاموش ڪرائي ڇڏيو آھي

سيڪيولرزم جي سنڌي ۾ تز معنيٰ جيڪا سائين ابراهيم جويو ڪئي اها هئي دنيائيت معني هن دنيا جي باري ۾ جيڪي به خيال يا نظريا آھن انهن  جي سمجهه انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ سمجهه توڙي ان مطابق زندگي گذارڻ

هتي اسان وٽ  سماج جي ارتقا يورپ جيان ناهي ٿي ان ڪري اهو ساڳيو سيڪيولرزم وارو عمل ڪنهن حد تائين تصوف ڪيو آھي پر تصوف وري به مذھبي خيال جي هڪ صورت هئي انڪري ان جديد سائنسي مسئلن خاص طرح سماج ۾ تنقيدي سائنسي سوچ وڌائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو جنهن جي ڪري اهو راڳ ويراڳ ۽ فقط مذھب موجود مذھبي پيشوائن جي تشريح کي رد پئي ڪيو. اهو ئي سبب آھي جنهن جي ڪري يورپ ۾ آزاد خيالي تنقيدي سائنسي سوچ سيڪيولرزم جي صورت اختيار ڪئي  ۽ ان جي نتيجي ۾ يورپ جديد سائنسي ايجادن  سان گڏ جمهوري سوچ ۽ جمهوريت سماجي آزادين سوشلزم   سماجي جمهوريت جي نظرين جي ترويج ڪري سگهيو .

هن وقت ڀلي سرمائيداري نظام جي ڪري ان ۾ غير انسانيت پڻي جا عنصر شامل ٿي ويا هجن پر ان جو ذميدار سيڪيولرزم ناهي، هتي اسان وٽ ھر الزام سيڪيولرزم تي لڳايو وينديو آھي ۽ اهو به بنا ڪنهن تصديق يا ان جي تفصير تشريح سمجڻ جي  اڄ اهو ضروري ٿي پيو آھي ته اسين  سيڪيولرزم کي سمجهون ۽ هتي جيڪي تصور ان بابت پکيڙيا ويا آھن انهن جي پويان لڪل مفادن ۽ لڪل  طبقاتي فرق ۽ ان جي مستقل قائم رهڻ جي معاملن کي به سمجهون

هتي هڪ مثال موجود آھي مثال طور اسان جي سماج ۾ ڀلي ڪيتريون به ناانصافيون ٿي وڃن مهانگائي بيروزگاري ۽ لاقانونيت ٿي وڃي پر ماڻھو رد عمل ظاهر نه ڪندا آھن  ماڻھو خاموش رهندا آھن يا رد عمل ڪنهن ٻئي طريقي ڏيندا آھن.

ساڳيءَ ريت جڏھن سيالڪوٽ ۾ ڪجهه شرپسندن هڪ سريلنڪن شھري تي اهو الزام لڳايو ته هن مذھبي اسٽيڪر ڦاڙيا آھن ته ماڻھن بنا ڪجهه سوچڻ تنقيدي ٿيڻ جي  ان شھري کي سخت تشدد ڪري، کيس قتل ڪري،  سندس جسم کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ان ڀيانڪ واقعي جون وڊيوز سڄي دنيا ۾ ڦھلائي ڇڏيون  هتي به ماڻھو شعور رکندڙ ھجن ها ته اهڙو واقعو هر گز پيش نه اچي ها،  جيڪڏھن سماج تنقيدي شعور وارو يا سيڪيولر هجي ها ته هتي به عوام رضا تي راضي رهڻ ۽  خاموش رهڻ جهڙو رد عمل نه ڏئي ها هو پنهنجو عقل شعور استعمال ڪري ها انڪري اهو لازمي آھي ته جمهوريت پسند ڌريون سڪيولرزم جي شعور کي عام ڪن سيڪيولرزم بابت غلط تصور ختم ڪيا وڃن

سيڪيولرزم جو گهڻو واسطو تعليم شعور ۽ تنقيدي شعور سان آھي انڪري سڄي دنيا ۾ ھن وقت گهڻي ڀاڱي سيڪيولر نصاب تعليم آھي جيڪو دنيا جي سڀني جديد سائنسي علمن ڏانهن راغب ڪري ٿو. شعور جون راهون کولي ٿو اسان وٽ اهو الميو رهيو آھي ته عوامي توڙي غير عوامي نمائندا حڪمرانن عوام کي بيوقوف جذباتي ۽ تنقيدي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ ھر طريقي غير سائنسي خيالن کي مضبوطي سان پکڙيو.

سيڪيولر يا سائنسي شعور هن دنيا ۽ ان جي مسئلن ۽ انهن جي حل ڏانهن راغب ڪري ٿو، هن دنيا کي بهتر ڪئين ڪجي، ان جا مسئلا ڪئين حل ڪجن ان طرف سوچرائي ٿو ۽ تڏھن ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي توڙي ميڊيڪل سائنس ۾ ڪا ترقي ڪري سگهبي. هتي اسان وٽ اسان جي تعليم جو به وڏي ۾ وڏو الميو اهو آھي ته اسان  هڪ ٻن سائنسدانن کان علاوه ڪو وڏو سائنسدان پيدا ناهيون ڪري سگهيا ڪوبه وڏو ته ڇا ننڍو فلسفي مفڪر پيدا ناهيون ڪري سگهيا اسان جي  هن وقت اها حالت آھي جو هڪ معمولي سئي ڪاغذ پين به چين مان  گهرايون ٿا مطلب اسان جو جديد علمن ڏانهن رويو اهو آھي

هن وقت اسان جي بائلاجي سائنس جي ڪتابن ۽ دينيات ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي.  اسان جيڪڏھن نج سائنسي علمن ڏانهن اهو رويو رکنداسين ته ان جو نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو اڄ نڪري رهيو آھي.

آمريڪي سامراجيت جي ناقد ۽ دانشور پروفيسر نام چومسڪي پڻ ھاڻ ويجهڙ ۾ ئي اهو ليڪچر ڏيندي پاڪستان جي عوام  ۽ حڪمرانن کي اها صلاح ڏني هئي ته توهان جديد سائنس سان گڏ نه هليا ته توهان جو معاشرو ۽ سمورو سماج زوال ڏانهن هليو ويندو توهان کي پنهنجو نصاب اپڊيٽ ۽ جديد ڪرڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.