عورتن سان زيادتيون ڪرڻ بند ڪريو!!

تحرير؛صنوبر خاصخيلي

آءٌ  نه جيئندي

 اُن ري….

اسان جي معاشري منجھه اھڙا کوڙ سبب آھن، جن آڌار تي عورت کي نفرت جو نشانو بڻايو ويندو آھي ۽ عورت سان جنسي بنيادن تي ڪئي ويندڙ نفرت ھن پدرشاھي سماج جي پري پلاننگ ۽ ايجنڊا جو ئي نتيجو آھي، جو ھر عام ماڻھو ان سماج جي مڙھيل ڳالھين تي عمل ڪندي ۽ برين واش ٿيڻ کانپوءِ پنھنجو مائينڊ سيٽ ٺاھي ان اڻبرابري تي ٻڌل سماجي اصولن کي پاڻ تي حاوي ڪري ڇڏيندو آھي.

جڏھن ته اسان جي معاشري جي عورت صرف ان بنياد تي نفرت برداشت ڪندي رھي ٿي جو ھو عورت آھي ـ

مون عورت جا اڻ ڳڻيا روپ ڏٺا آھن، مون ڪڏھن به گھريلو عورتن جي جذبي ۾  ڪمي ناھي ڏٺي. ماڻھو سمجھندا آھن ته گھر پيسي سان ھلي ٿو پر مان اھو تصور ڪيان ٿي ته ۽ ھي ڄاڻيل واڻيل حقيقت به آھي ته گھر عورت جي سلڇڻائپ سان ھلندو آھي گھر بچائڻ کان ھلائڻ وارو مرحلو عورت بخوبي طئي ڪندي آھي.

۽ ان ڳالهھ ۾ به شڪ ناھي ته جنگ جو ميدان ھجي يا راندين جو، تعليم ۽ تربيت جو شعبو ھجي يا وري ڪاروباري مسئلا ۽ گھرداري ھجي مون ھر جڳهھ عورت جي گھڻائي کي محفوظ ۽ مستحڪم ناھي ڏٺو جنھن جا کوڙ سارا سبب آھن.

اسان جي اردگرد جيون جون جنگيون وڙھندڙ عورتون جتي ھڪ صحتمند معاشري کي جنم ڏيڻ لاءِ ماءُ جو عظيم ڪردار ۽ ڀاءُ جو ڀرجھلو ٿيندڙ ڀيڻ جو ڪردار ۽ مڙس جو سندرو بڻجي زال وارو ڪردار تمام سٺي انداز سان نڀائي پئي تنھن باوجود اسان عورت کي پنھنجي جنسي تسڪين ۽ سماجي ضرورتن جي پورائي کان وڌيڪ اھميت نه ڏئي سگھيا آھيون.

ھڪ انداز مطابق دنيا جي 49.6 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آھي. عورتن ۽ مردن جي آبادي جي تناسب ۾ ڪو خاص فرق نه آھي . پر صرف ھينئر تائين آبادي برابر ٿي سگھي آھي آزادي نه..!!

عورتن کي انڊراسٽيمينٽ ڪرڻ واري عوام ھي وساري ٿو ويھي ته جيڪڏھن عورت نه ھجي ھا ته اڄ مرد جو ڪوبه وجود نه ھجي ھا ۽ مان تمام گھڻي حيران تڏھن ٿيندي آھيان جڏھن اھو ئي مرد، عورت کي سڄي معاشري جي اڳيان خوار خراب ڪري ۽ ايذائيندو آھي ۽ اھو چئي مزاق اڏائيندو رھندو آھي ته عورت ڪمزور آھي،.!

عورت ڪمزور ڪيئن ٿي ٿي سگھي قرت العين بلوچ جيڪا تمام گھڻي پڙھي لکي ۽ پڙھئي لکئي گھر سان تعلق رکندڙ بااختيار ۽ اھا باشعور نياڻي ڪمزور ڪيئن ٿي ٿي سگھي ھا البته اسان جا معاشرتي اصول ۽ سوچون ڪمزور ضرور آھن ۽ اھي نظريا ئي عورت جي ذھن ۾ زوري ڪمزور ھئڻ جو خيال وجھن ٿا .

نتيجي ۾ معاشري پاران مڙھيل ڪمزوري قبول ڪندڙ ڪيتريون ئي قرت العين بيدردي سان قتل ڪيون وينديون آھن . حالانڪ عورت کي عورت کان به خطرو ناھي بلڪ اصل خطرو ان هوس جي پوڄاري ۽ نفسياتي طور پاڻ کي برتر سمجھندڙ مرد کان ھوندو آھي پوءِ به آخر ڪھڙن بنيادن تي معاشرو عورت کي ڪمزورن ۾ شمار ڪري ٿو..؟

پڌري ڪيل ساليانا رپورٽ مطابق پاڪستان جي چئني صوبن ۾ عورتن تي تشدد ۽ ريپ جي ٿيندڙ واقعن جو تعداد اڍائي ھزار ٻڌايو ويو آھي ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۾ ٿيندڙ واقعن جو ئي رڳو 2297 تعداد آھي.

۽ اھي واقعا نه صرف اخبارن ۾ شايع ٿيا پر ڄاڻايل حدن جي ٿاڻن تان به انھن جي تصديق ٿي ھئي. رپورٽ ۾ اھو پڻ ٻڌايو ويو ته عورت تي تشدد ۽ انھن جي استحصال ۽ اغوا بعد جنسي درندگين جا سڀني کان گھڻا واقعات سنڌ صوبي جي قبائلي علائقن ۾ ٿيا آھن.

سنڌ ۾ بيرحماڻا تشدد ۽ حراسمينٽ جي ڪيسز ۾ گذريل سال جي نسبت 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي..!!

وڌيڪ رپورٽ کي شامل ڪندي ٻڌائيندي ھلان ته ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق 90 سيڪڙو عورتون تشدد جو شڪار ٿينديون آھن.

عالمي سطح تي اقوام متحده جي سابق سيڪريٽري ڪوفي عنان جي ڏنل بيان مطابق دنيا جي ھر معاشري ۽ ثقافت ۾ عورتن تي تشدد ڪيو ويندو آھي ان مان ھر عمر، رنگ، نسل ۽ طبقي جون عورتون متاثر ٿينديون آھن.

عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا مختلف قسم آھن جن ۾ غيرت جي نالي تي قتل، زيادتي، اغوا مارڪٽ_ گارگند ۽ زبردستي نڪاح نه صرف ايترو پر جسماني تشدد کان علاوه ذھني اذيتون ڏيڻ به تشدد ۾ شامل آھي. جيڪڏھن گھريلو تشدد بابت ڪو ڪيس سامھون ايندو به آھي ته وڌيڪ ان عورت جي عزت کي اڇلايو ويندو آھي،

ايتريقدر جو عجيب سوال اٿاريا ويندا آھن جو عورتون بار بار ڪمزور محسوس ڪرائڻ سبب ذھني طور پاڻ کي ڪمزور تسليم ڪندي چپ رھڻ ۾ ئي پنھنجي ڀلائي سمجھنديون آھن. گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق صرف 4 سيڪڙو عورتون پاڻ مٿان ٿيندڙ تشدد ۽ ظلم رپورٽ ڪرائينديون آھن ۽ ان کان به گھٽ قانوني چارا گوئي جو رستو اختيار ڪنديون آھن.

اھڙي طرح محنت ۽ مزدوري ڪندڙ طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن کي تمام گھڻا مسئلا درپيش ھوندا آھن جنھن ۾ جنسي يا نفسياتي طور تي حراسان ڪيو وڃڻ، جنسي زيادتي، پورھئي جي نسبت گھٽ معاوضو ڏيڻ يا بنا معاوضي ئي پورھيو ڪرائڻ ـ زندگي جا فيصلا وٺڻ جون پابنديون روزگار جا موقعا نه ھجڻ تنقيد اغوا ۽ انصاف تائين پھچ نه ھجڻ وغيره جھڙا معاملا شامل آھن.

خاص طور تي جسماني ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻجندڙ گھرن ۾ ڪم ڪار ڪندڙ معصوم عمر ٻارڙين جي گھڻائي آھي انهن معصوم پنکڙين سان ٿيندڙ زيادتين جو خاتمو معاشرتي روين جي تبديلي کانسواءِ ممڪن نظر نٿو اچي .

عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ انھن جي ڀيٽا ۾ ھر سال مختلف ڏينھن عالمي سطح تي ملھايا ويندا آھن ۽ اھي به صرف انھن معاشرن ۾ جٿان جي عورت اسانجي معاشري جي نسبت تمام گھڻي خوشحال ۽ ماڊرن آھي.انھن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد عورتن جي مسئلن کي منظر عام تي آڻڻ ۽ انھن جي شعور کي نروار ڪرڻ ھوندو آھي پر افسوس اسان وٽ اھڙا ڪي به پروگرام منعقد ناھن ٿيندا.

جيڪڏھن ايڪڙ ٻيڪڙ پرائيوٽ ادارن يا عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن طرفان ڪي پروگرام رٿيا به ويندا ھجن پر انهن پروگرامن ۾ خاص شرڪت انھن عورتن جي ھوندي آھي جيڪي زاتي طور تي تمام گھڻيون خوشحال ۽ ماڊرن ھونديون آھن گڏوگڏ حقيقي طور تي اسانجي معاشري جي عورتن سان درپيش مسئلن بابت الف ب کان به واقف ناھن ھونديون.

عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومتي قدم مطئمن ڪندڙ نه آھن جيستائين قانون حرڪت ۾ نه ايندو تيستائين عورت کي برابري جا حق ۽ انصاف ملڻ محال آھي ۽ موجوده دور ۾ ميڊيا پنھنجو ڪردار نڀائي عورتن جي حقن جي حوالي سان موثر شعور اجاگر ڪري سگھڻ جي سگھه رکي ٿي. ڪنھن به ملڪ ۾ امن قائم رکڻ تشدد ۽ ڏوھن جي خاتمي ۽ انصاف جي فراھمي ۾ پوليس جو ڪردار انتھائي اھميت رکندڙ ھوندو آھي جيستائين پوليس عورتن جي حقن ۽ انھن سان ٿيندڙ ڪلورن بابت مڪمل ڄاڻ ۽ انهن خلاف ايڪشن کڻڻ جي زميواري سچ نيتي سان نٿي نڀائي تيسين ننڍن شھرن، ڳوٺن ۽ ٻھراڙين ۾ عورت ايئن ئي تشدد جو شڪار ٿيندي رھندي.

مان پوليس ۽ عدليا کان مطالبو ٿي ڪريان ته عورتن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي ۽ انھن جي گھربل مناسب تربيت ڪئي وڃي ته جيئن جنسي ۽ جسماني تشدد جي مقدمن ۾ بين الاقوامي طرز جي طريقن سان ڪم ٿئي ۽ مقدمي جي تفتيش ۽ سماعت جي دوران عورتن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.