نوازشريف جي واپسي ۽ بي اعتمادي جي تحريڪ

تحرير؛رفيق پٽيل

پاڪستان جون اهي سياسي جماعتون جيڪي حڪومت کان ٻاهر آهن انهن جي لاءِ گذريل عام چونڊن کانپوءِ پهرين ڏينهن کان  اهو موقعو موجود هو ته اهي عمران خان کي وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪرڻ  نه ڏين ها،وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجيون حڪومتون جوڙي وٺن ها،پر مسلم ليگ ن ۽ جميعت علماءَ اسلام جي اڻ لچڪيدار رويي جي ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگهيو،اُن وقت پيپلز پارٽي جيڪو فارمولا پيش ڪيو هو ان جي تحت مرڪز ۾ پيپلز پارٽي جو وزيراعظم هجي ها ۽وفاق ۾ اهم وزارتون مسلم ليگ ن کي ڏنيون وڃن ها،اهڙي طرح پنجاب ۾ مسلم ليگ ق جو وڏو وزير هجي ها ۽ اهم وزارتون ن ليگ وٽ هجن ها،سنڌ حڪومت جي وزارت ۾ متحده قومي موومينٽ کي پڻ حصو ڏنو وڃي ها، آصف علي زرداري پنهنجي مفاهمت جي پاليسي سان سولائي سان تحريڪ انصا ف جي ڪيترن ئي  ميمبرن کي پاڻ سان ملائي وٺي ها،اهڙي طرح حڪومت به مستحڪم رهي ها ۽ ان کي ڪو خطرو نه هجي ها،

مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي کي اقتدار ۾ چڱو خاصو ڳرو حصو ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هئا.صرف ڪجهه مسلم ليگي اڳواڻ سمجهي رهيا هئا ته وقتي طور تي پيپلز پارٽي کي موقعي  ڏيڻ سان مسلم ليگ جي راهه هموار ٿيندي ۽ نواز شريف جا سمورا مقدما ختم ٿي ويندا ۽ هو صادق ۽ امين جو تصديق نامو حاصل ڪري سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم عمل ٿي  ويندو پر مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ کي اهو باور ڪرائيندو رهيو هو ته اسين جلد ئي عمران خان جي حڪومت کي  پاڙان پٽي ڦٽو ڪري ڇڏينداسين.نتيجو اهو نڪتو جو عمران خان آساني سان حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي لاءِ اهم ڪردار جهانگير ترين جو آهي، اڄ جي حالتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ جي لاءِ تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ  رابطا جاري آهن .

جيڪڏهن جهانگير ترين جا ساٿي ان ڳالهه تي تيار ٿين ٿا ته اهي عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ ووٽ ڏيندا  اهڙي صورت ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ  جي لاءِ جوڙ ٽوڙ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، ان جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ايم ڪيو  ايم کي آماده ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن پيپلز پارٽي  وزيراعظم جي لاءِ پنهنجي جماعت کانسواءِ ڪنهن ٻئي   قومي اسيمبلي جي ميمبر  کي وزيراعظم بنائڻ تي تيار ٿي وڃي ٿي ، جنهن جي اميد گهٽ آهي،اهڙي ڪنهن به صورت ۾ اها مرڪز ۽ پنجاب ۾ اهم عهدن جي خواهش رکندي انِ صورت ۾ اها ايم ڪيو ايم کي سنڌ  جي صوبائي حڪومت ۾ حصو ڏيندي، پيپلز پارٽي مان اها توقع ڪرڻ ته اها غير مشروط طور تي اهڙي ڪنهن تحريڪ  جي حمايت ڪندي تقريبن نا ممڪن آهي.

مسلم ليگي حلقن ۾ اهو تصور زور وٺي رهيو آهي ته اها ايندڙ چونڊن ۾ سموري ملڪ ۾ وڏي اڪثري حاصل ڪري وٺندي ۽ ڪنهن کي شامل ڪرڻ کانسواءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت جوڙي وٺندي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير به انهن جو هوندو پر اتي گڏيل حڪومت هوندي،جنهن ۾ جي يو آءِ کي اهم وزارتون ڏنيون وينديون. اهڙي طرح جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي عهدن تان هٽائڻ هڪ بهترين حڪمت عملي هوندي ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پاڪستان واپسي جي راهه هموار ٿي ويندي ۽ سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي آمد کانپوءِ نااهلي جي خلاف نظر ثاني جي درخواست جي ذريعي هڪ ڀيرو اهل قرار ڏنو ويندو ۽ شايد ٻين ڪيسن مان به بري ٿي ويندو ،اهو ڪم هاڻي به آسان ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن مسلم ليگ ۽ پي پي پي ۾ سرچاءُ  هجي ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ڳالهين ۽ ڊيل جا اختيار ڏنا وڃن ، آصف علي زرداري قومي ۽ عالمي سطح تي هر طرح جي معاملن کي طئي ڪرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو ان سموري راند ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت ۽ مسلم ليگ ق سان اعتماد جوڳو ٺاهه به اهم آهن.

،جنهن جي لاءِ پيپلز پارٽي جو ڀرپور ڪردار ضروري آهي.

مسلم ليگ جي ڪوشش آهي ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڪردار کانسواءِ بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب بنايو وڃي،ان جي رستي صاف ڪرڻ  جي لاءِ مسلم ليگي اڳواڻ شهباز شريف پنهنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پيپلز پارٽي فيبروري جي پڄاڻي تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڀرپور مهم هلائي ته اها هڪ وڏو مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي.

پاڪستان ۾ ڪنهن به وڏي تبديلي جي لاءِ پردي جي پٺيان  عمل ڪندڙن ۾ ملڪ جا طاقتور حلقا، پاڪستان ۾ دلچسپي رکندڙ عالمي قوتون ۽ خطي جون حالتون اهم ڪردار هوندا آهن.

.  روس ، چين ۽آمريڪا هن خطي ۾ بدامني يا عدم استحڪام جا مخالف آهن پر اهي ٽئي ملڪ پنهنجو اثر به چاهين ٿا،ان ڪري اهي پاڪستان جي اندرين معاملن ۾  ڀرپور دلچسپي رکن ٿا،پاڪستان ۽ افعانستان جي وچ ۾ تازيون جهڙپون عدم استحڪام جو سبب آهن، ان ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سفارتي محاذ تي ڪم ٿي رهيو آهي، پر اها ڇڪتاڻ برقرار آهي.

هوڏانهن قزاقستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي زبردست هنگاما ٿيا آهن،جنهن تي ڪنهن حد تائين ضابطو آندو ويو آهي،ان جي باري ۾ شڪ آهن ته انهن هنگامن جي پٺيان ڪا وڏي طاقت هئي خطي جي واقعن ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي ايران ۽ افغانستان جي وفدن جون ملاقاتون هيون،ان ملاقات کانپوءِ ايران ان  تاثر کان انڪار ڪيو آهي ته اهو افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ تي آماده ٿي ويو آهي ايران جي نمائندي ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته اهو افغانستان ۾ وسيع حڪومت جو خواهشمند آهي.

افعانستان ۽ ترڪما نستان  جي وچ ۾ به تڪرار هلندڙ آهي، سرحدي جهڙپن ۾ ڪيترا ئي ماڻهون مارجي ويا آهن،افغانستان جي مالي حالت انتهائي خراب آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ سرڪاري ملازمن کي پگهار نه ملي آهي، خود افعان حڪومت پنهنجا اندروني اختلاف ختم نه ڪري سگهي آهي،جنهن جي ڪري واضح پاليسيون سامهون نه  پيون اچن،ملڪ ۾ اندروني اختلاف، مناسب خوراڪ ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي کوٽ جي ڪري گهرو ويڙهه جو خطرو وڌي رهيو آهي.

ڏسڻو اهو پوندو ته موجوده ملڪي ۽ عالمي صورتحال ڪيتري حد تائين اپوزيشن جي بي اعتمادي جي رٿ ۽نوازشريف جي واپسيءَ جي لاءِ موافق ٿيندي، مسلم ليگ جي خواهش آهي ته پيپلز پارٽي ۽تحريڪ انصاف کي مستقبل ۾ اقتدار کان ٻاهر رکيو وڃي ۽وڏي اڪثريت حاصل ڪئي وڃي.جنهن جي لاءَ معاملا جوڙيا پيا وڃن،پر پيپلز پارٽي به پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي،راند هلندڙ آهي، اٺ ڪهڙي پاسي جهڪي ٿو اهو به ڪجهه ڏينهن ۾ چٽو ٿي ويندو. تحريڪ انصاف ۽ وزيراعظم عمران خان اپوزيشن جي وڌندڙ دٻاءَ کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، حڪومت کي ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪرڻو پوندو ان ۾ پنهنجي پارلياماني قوت کي برقرار رکڻ ،مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊن جي تياري فهرست ۾ شامل  آهن…

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.