روهڙي ۾ وياج خورن جي ستايل پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي

سکر(رپورٽر) روهڙي جي علائقي ڪنڌرا جي رهواسي ٽن ٻارن جي پيءُ 40 ورهين جي غلام رسول عرف پپو ڀٽُو وياج جي رقم بروقت ادا نه ڪرڻ تي وياجين پاران ڏنل ڌمڪين سبب زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ مقتول جي گهرواري جو چوڻ آهي ته منهنجو مڙس ٽڪي ڪباب جي ريڙهي هلائيندو هو ۽ ڪرونا وائرس ۾لاڪ ڊائون سبب ڪاروباري بند هجڻ ڪري وياج تي پئسا ورتا. جنهن مول سميت موٽائي ڏيڻ باوجود وياجي روزانو منهنجي مڙس کي ڌمڪيون ڏيندي رهندا هئا ۽ وياج جي رقم اد نه ڪرڻ تي ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جو پڻ ڌمڪيون ڏيندي هو جنهن سبب منهنجي مڙس زهر پي انت آندو آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي مڙس جي مرڻ جو سبب بڻجندڙ وياجين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.