ڪڪڙ ۾ پورهيت تي لوهه چوري جي ڪيس خلاف جي يو آءِ جو ڌرڻو

ڪڪڙ(رپورٽ: شفيع محمد جهنجهه)ڪڪڙ ۾  پورھيت  نظير آرائين مٿان  بي گناھ چوري جو  ڪڪڙ پوليس ڪوڙو ڪيس مڙھڻ خلاف جي يوآء ڪارڪنن ۽ رھواسين پاران   مدرسه امداديه دارالعلوم اڳيان  مولانا حافظ انور کونھارو مولانا محمد اسحاق کونھارو مولانا امداد الله چانڊيو حفيظ چانڊيو  نظير آرائين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاھرو ڪندي انڊس ھاءِ وي روڊ تي  ڌرڻو هنيو. جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون .  ايس ايڇ او زاھد ابڙو  مظاھرين وٽ پھچي ٻن ڏينھن اندر پورھيت مٿان داخل چوري  ڪيس ختم ڪرڻ  جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو .  ان سلسلي ۾  مولانا انور کونھاري،  حفيظ چانڊيو امداد الله چانڊيو چيو  ته ڪڪڙ پوليس جي ايڊيشنل ايس ايڇ او صالح اابڙو  بااثرن جي ڪمداري ڪندي  پورھيت نظير آرائين جي  گھر تي ڌاڙيلن وانگر ڪاھ ڪري سامان جي  ڀڃ ڊاھ ڪرڻ  روڪ 20 ھزار  ڦر ڪرڻ کانپوءِ پورھيت نظير آرائين  مٿان چوري سميت به ڪيس داخل ڪري وڏو ظلم زيادتي ڪئي آھي ڪاري موري ۾ سرڪاري پيل لوھ چوري ڪرائڻ ۾ پوليس  صالح ابڙو ملوث آھي چورن کان ڳري رشوت وٺي انھن کي کليل ڇوٽ ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.