عدالت شهباز شريف ۽ حمزه کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) بينڪنگ ڪورٽ لاهور ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل عدالتي اختيار جو اعتراض منظور ڪندي چالان ايف آءِ اي واپس ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۽ عدالتي اختيار بابت ٻڌڻي ٿي، بينڪنگ ڪورٽ جي جج سردار طاهر صابر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ شهباز شريف جي وڪيل هڪ ڏينهن جي حاضري کان معافي جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. جڏهن ته حمزه شهباز شريف عدالت جي آڏو پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي بينڪرز کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي، ايف آءِ اي موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بينڪرز جو ڪوبه ڪردار نه آهي. بينڪنگ ڪورٽ جي جج ايف آءِ اي جي عدالتي اختيار واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ چالان ايف آءِ اي کي واپس ڪري ڇڏيو، عدالت ايف آءِ اي کي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 7 ڏينهن تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏهن ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 7 ڏينهن ۾ ٻيهر ضمانت لاءِ رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

  • مري ۾ برف هٽائڻ واريون 20 گاڏيون هڪ هنڌ بيٺل هجڻ جو انڪشاف

مري (م ڊ) مري سانحي جي جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ته برف هٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ 29 مان 20 گاڏيون هڪ ئي هنڌ بيٺل هيون. ذريعن موجب برف هٽائيندڙ 29 گاڏين مان 20 هڪ ئي جاءِ تي بيٺل هيون، گاڏين کي هلائڻ لاءِ مقرر ڊرائيور، عملو به ڊيوٽي تي موجود نه هو. جاچ ڪميٽي مري ۾ آپريشنل عملي جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن ۽ ان حوالي سان ٻيلي کاتي جا اهلڪار ڪميٽي کي تسلي جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا. جاچ موجب ضلعي انتظاميا مري جي داخلي رستن ۽ روڊن کان تقريبن 50 هزار گاڏيون واپس موڪليون. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مري سانحي ۾ حڪومتي ادارن جي غفلت تي جاچ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سياحت بابت سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.