بُلڙي شاھ ڪريم ۾ ميڻ بتي مان باهه، گهر خاڪ، معصوم ٻارڙو سڙي فوت

بُلڙي شاھ ڪريم (رپورٽ: احسان علي انصاري) بُلڙي شاھ ڪريم شھر جي وارڊ نمبر هڪ ۾ پورھيت ديدو رند جي گھر کي ميڻ بتي مان اچانڪ باھ وڪوڙي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ گُلڙن جھڙو معصوم ٻارڙو 3 سالن جو سليم رند پُٽ ديدو رند سڙي فوت ٿي ويو، ٻين گھر ڀاتين ڀڄي جان بچائي ورتي، فوتي ٻارڙي جي جيجل ماءُ اُڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندي رهي پر اطلاع باوجود باھ وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ وقت تي نه پهتي، ٽائون انتظاميا کي ميڊيا طرفان فون ڪالز ڪيون ويون پر ڪنھن به ڪال اٽينڊ نه ڪئي، گھر کي باھ وسائڻ لاءِ پاڙي وارا بر وقت ڊوڙي آيا پر باھ جي شدت ايتري ته وڌيڪ ھئي جو باھ تي ضابطو نه ٿي سگھيو،  متاثرين جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، اطلاع ملڻ شرط هڪ سماجي تنظيم جي رضاڪارن پھچي معصوم ٻارڙي جو لاش ٻاهر ڪڍيو، باھ لڳڻ سان گھر ۾ پيل سمورو الهه تلهه مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويو، متاثر سخت سردي ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن، ميڊيا تي خبر هلڻ کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر غفار شيخ مختيارڪار عبدالڪريم خاصخيلي متاثرين وٽ پهچي ڇپر ڇانو لاءِ تنبو ۽ راشن ڏنائون ۽ متاثرين سان نينگر جي تعزيت پُڻ ڪئي .۽ هر ممڪن مدد جي خاطري پڻ ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.