ڪنڌڪوٽ ۾ پلال کي باهه تان ڪاوڙيل چاچي هٿان 2 نوجوان ڀائٽيا قتل، 2 زخمي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي + عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ڀرسان پلال کي باهه ڏيڻ جي شڪ تي چاچي ڪلاشنڪوف جو منهن کولي ڇڏيو، 2 نوجوان ڀائيٽا قتل، ھڪ ڀائيٽو ۽ ھڪ مھمان زخمي ٿي پيا، خبر موجب ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد چاڪر آباد لڳ واقعو پيش آيو، چيو وڃي ٿو ته پلال جي ڍير کي ڪجهه ڏينهن اڳ باهه لڳڻ تي جوابدار چاچي ميرزادو بنگوار کي پنهنجي سڳن ڀائيٽن تي شڪ ھو جنهن تي هن ڪاوڙجي اوطاق تي حملو ڪري ڏنو، ڪلاشنڪوف جو منهن کولي ڇڏيو، گوليون لڳڻ ڪري 2 سڳا ڀائر ڪنبير بنگوار ۽ ياسين بنگوار موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏھن ته مقتولن جو ھڪ ڀاءُ بشير بنگوار ۽ مھمان عبدالوحيد بنگوار زخمي ٿي پيا جن کي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس کڻائي سول اسپتال آندو جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ نازڪ حالت ھجڻ ڪري سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، نوجوانن جا مڙهه ڳوٺ پھچڻ بعد روڄ راڙو مچي ويو، وارث پنهنجي پيارن جي لاشن کي چنڀڙي ويا، علائقو سوڳوار بڻجي ويو،جڏھن ته جوابدار ڌر گھر خالي ڪري ڀڄي ويا، پوليس مطابق واقعو پلال کي باهه ڏيڻ سبب پيش آيو جوابدارن جو چوپايو مال ڪاھي آيا آھيون ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون ڪري رھيا آھيون، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.