جيئن بدي ۾ سڱ ڏبا آهن ايئن حڪمران ڌرتي جو سودو ڪري اقتدار وٺن پيا: اياز لطيف

ڪڙيو گھنور(رپورٽ: ناز مٺو مل)ڪڙيو گھنور ۾ قومي عوامي تحريڪ جو شھيد فاضل راھو ڊي جو جلسه عام ٿيو، جنھن ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي مهان خاص اياز لطيف پليجي چيو ته فاضل راھو سورھيائي، سچائي ۽ سرويچي سان جدوجھد ڪندڙ جو نالو آھي، شھيد عوام فاضل راهو عظمتن جو اوچو مينار آھي، جنهن جي روشني مظلوم ۽ هيسيل انسانن لاءِ ھڪ سونهين جيان رهنمائي ڪري ٿي ۽ کين پنهنجي دڳ ۽ منزل تي پهچائي ٿي، فاضل راھو اميد، يقين ۽ وڏو حوصلو ھو، ھن سڄي زندگي ظلم خلاف جنگ ڪئي، پوءِ اھا جنگ ظالم وڏيرا شاھي خلاف ھجي، پوليس ۽ ڪورٽن ۾ ٿيندڙ ناانصافي خلاف ھجي، شاگردن جي آمريت خلاف ويڙھ ھجي، سنڌ جون ٻنيون نام نھاد نيلام وسيلي ڦٻائڻ، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ڪيل فسادن جي باھ ۾ ساڙيل سنڌين جي بچاءَ، جمهوريت جي نالي ۾ مڙهيل آمريت خلاف مظلوم قومن جا حق بچائڻ، فوجي آمريت، عالمي سامراجي قوتن جي ڏاڍاين خلاف ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي،اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جيڪا ماءُ جيجل آھي، ڌرتي جيڪو وطن آهي ان کي پيپلزپارٽي وارا بازار جو وکر سمجھي کپائين پيا ۽ ان جي بدلي ۾ ھي اقتدار وٺندا اچن ۽ ھاڻ به وٺن پيا، جيئن بدي ۾ سڱ ڏبا آهن ائين ھي ڌرتي جو سودو ڪري اقتدار وٺن پيا، زرداري ۽ عمران ٻئي گڏ آھن ۽ اڳي زرداري ۽ نواز شريف گڏ ھئا ۽ 1988ع ۾ اسحاق خان، اسلم بيگ ۽ پيپلزپارٽي گڏ ھئا ۽ انھن کي جمھوريت جا ٻلا ڏنا ويا ۽ جڏھن نواز شريف جي حڪومت ھئي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت تي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪونه ھئي، ۽ جڏهن زرداري صدر ھو ته پنجاب ۾ نواز شريف کان ڪابه پڇا ڳاڇا ڪونه ھئي ۽ جڏهن ھاڻ عمران خان ٻيٽ پيو کڻي اھو پيپلز پارٽي جي رضامندي سان پيو کڻي، جيڪي ليزون ڏنيون پيون وڃن اھي سنڌ حڪومت جي مرضي سان ڏنيون پيون وڃن، ڪراچي ۾ سنڌين جا ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن، اھي پيپلزپارٽي جي مرضي سان ڊاٺا پيا وڃن، سنڌ جا تيل ۽ گيس وڪرو ٿين پيا اھي پيپلزپارٽي جي مرضي سان ٿين پيا، اياز لطيف پليجي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن جو مقابلو ڪيو ويندو۔ سنڌ جا ماڻھو ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرپٽ مافيا سان مقابلي لاءِ اڳيان اچن، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو ته حڪومت جي ناڪامي جي ڪري سنڌ جو عوام مسئلن جو شڪار آھي، ڪروڙين عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آھي، حڪمرانن کي پنھنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گھرجن، اشرف پليجي چيو ته پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مھانگائي سان عوام پريشان آھي، فرقيواريت، انتھاپسندي، عسڪريت پسندي ۽ ڪرپشن واريون پاليسيون ختم ڪرڻيون پونديون، گيانچند مھيشوري چيو ته مھانگائي ۽ بدحالي ايتري قدر وڌي وئي آهي جو ماڻهو خودڪشي ڪرڻ ۽ پنھنجا ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، زراعت تباھ ٿي چڪي آھي، ھارين ۽ آبادگارن کي پنھنجي حقن لاء ميدان تي اچڻو پوندو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راحيلا ڀٽو چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، عورتن کي برابري واري حق کانسواءِ ڪو به سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي، جلسي کي انور نوحاڻي، حنيف باگراڻي، بچل احمداڻي، ساٿي مصطفي نظاماڻي، نثار ڀرڳڙي، شوڪت نوحاڻي، صفير نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.