نوجوانن پاران الٽرنيٽ تنظيم قائم، سماجي برابري لاءِ جدوجهد جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) پاڪستان ۾ نوجوان جي ڪل آبادي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، ملڪ ۾ نوجوانن جو انگ 14 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي،پاڪستان جي 70 ملين ليبر فورس جو 50 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ ملڪ جي ووٽرن جو 33 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جي آبادي جي متحرڪ حصي جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪا به رٿابندي يا پاليسي ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي جي نوجوانن پاران نوجوانن ۾ علمي،ادبي، سماجي، سائنسي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ واسطي جوڙيل تنظيم “الٽرنيٽ” ۾ ڪيو ويو. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ نوجوانن پاران جوڙيل تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته نوجوانن جا اسٽڊي سرڪلز، سيمينار، ريليون، ادبي، ثقافتي گڏجاڻيون، راندين جون سرگرميون، ثقافتي پروگرام منعقد ڪرائڻ سان گڏ قومي ۽ بين الاقوامي معلوماتي دورا ڪرايا ويندا. ليبر ٽريڊ يونين فيڊريشن اڳواڻ عاقب حسين،شهزاد مغل،زينب ناصر، ايني يعقوب،فئڪٽري وڪر اويس جتوئي،شائمه ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  هن وقت 27 ملين نوجوان بيروزگار ۽ اڪثريت پنهنجي روزگار کان وانجهيل آهن. جن مان 75 سيڪڙو نوجوان ڇوڪريون آهن. تعليم جي ميدان ۾  پاڪستان دنيا جي بدترين ملڪن مان هڪ آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ان صورتحال کي گڏيل جدوجهد سان منهن ڏيڻ لاءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ باشعور نوجوانن “الٽرنيٽ”  جي پليٽ فارم تان نوجوانن کي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. “الٽرنيٽ” ترقي پسند نوجوانن جي تنظيم آهي جيڪا متبادل سوچ ۽ سڙيل سماج کي جاڳائڻ جي جدوجهد جو نالو آهي. هن تنظيم جي سرپرستي هيٺ سماج جا باشعور نوجوان ملڪ ۾ جاري سماجي، معاشي، ثقافتي، سياسي ناانصافين ۽ ظلمن خلاف منظم تحريڪ هلائيندا. الٽرنيٽ هڪ باشعور نوجوانن جو تنظيمي  قافلو آهي جيڪو هر سطح تي مظلومن، پُٺتي پيلن، خاص ڪري عورتن، ٽرانس جينڊر ۽ مذهبي اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ڏاڍ خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.